اسحاق ڊا ر تي فرد جرم لاڳو ۽ پ پ پاران استعيفيٰ جي گهر…!

احتساب عدالت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تي غير قانوني ملڪيت ٺاهڻ جي ڪيس ۾ تهمت لاڳو ڪري ڇڏي، 4 آڪٽوبر تي سرڪاري شاهدن کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري نئب ڪيس جي ڪالهه مختصر ٻڌڻي ڪئي جنهن بعد اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪيو ، اسحاق ڊار کي ججز گيٽ وسيلي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو ، جڏهن ته عدالت ۽ آس پاس سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا ، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن  فرد جرم جا نڪتا پڙهي ٻڌايا ته توهان تي الزام آهي ته اوهانجا آمدني کان وڌيڪ اثاثا آهن اوهان  ۽ اوهان جي خاندان جي 831  ملين روپين جي ثاثن  ۾ گهٽ عرصي ۾ 91  درجا واڌ ٿي آهي ، جڏهن ته اسحاق ڊار انڪار ڪندي چيو ته اثاثا ڪرپشن جي پيسن سان ناهن ٺاهيا ۽ نه ئي ڪرپشن جي پئسن سان انهن ۾ واڌ آئي آهي .جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي پرڏيهه ۾ ملڪ اثاثن جي جاچ پڙتال جاري آهي جيڪي تفصيل بعد ۾ جمع ڪرايا ويندا .فراڊ ۾ بئنڪ اڪائونٽن، بنا نالي اڪائونٽ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل ڪيا ويا.اسحاق ڊار ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته الزام ڪوڙا آهن. اثاثا آمدني سان ٺهڪندڙ آهن. اسحاق ڊار جي وڪيل سندس حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو. هاڻ هو پيش ٿيندو ته ٻيا معاملا رولڙي جو شڪار ٿيندا. نئب حاضري کان ڇوٽ جي مخالفت ڪئي. عدالت درخواست نظر انداز ڪندي 4 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. پاناما ڪيس تحت عدالت کي 6 مهينن اندر فيصلو ڪرڻو هو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت پاران اثاثا ريفرنس ۾ اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ان کان استعيفيٰجو مطالبو زور پڪڙيندو پيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف بعد هاڻي پيپلز پارٽي به استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻ نيئر حسين بخاري، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون، ن ليگ وارا ملڪ ۾ افراتفري ۽ سسٽم ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان سسٽم کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين، نواز شريف ڪارو ڪوٽ پائي سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ عدالت ويو، ان وقت نواز شريف 184،3 تي عمل ڪرائڻ ويو هيو، هاڻي 184،3 تي عمل ٿيو آهي ته اوهان روئو ڇو ٿا، پيپلز پارٽي ڪوڙا، آمر ۽ جيل برداشت ڪيا آهن، ملڪي واپاري ۽ معاشي خسارو رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، هي ماڻهو ڄاڻي واڻي معيشت کي خراب ڪري رهيا آهن، اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي وئي، هاڻي باقي ڇا رهجي ويو، سينيٽ ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار کي عهدو ڇڏڻ جو مشورو ڏنو هيو، اسحاق ڊار کي ملڪي مفادن خاطر عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo