اختلاف راءِ دشمني ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي

پاڪ سرزمين پارٽي جي جناح باغ ۾ ٿيل جلسي ۾ پارٽي جي اڳواڻن انيس قائمخاني، رضا هارون، وسيم آفتاب، اشفاق منگي، مصطفيٰ ڪمالي جي گهر واري سائره ڪمال سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، جلسي واري پنڊال ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي جهنڊي بدران شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا کنيل هئا، جلسي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو به هڪ وڏو انگ موجود هو. جلسي کي پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال خطاب ڪندي چيو ته 30 ڏينهن جي مختصر عرصي اندر ڪراچي جي باغ جناح ۾ لکين ماڻهن جو عام جلسو ڪري ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي، هي پهرين پارٽي آهي جنهن ۾ پارٽي جي جهنڊي بدران پاڪستان جي جهنڊي کي متعارف ڪرايو ويو آهي اهو به هڪڙو ورلڊ رڪارڊ آهي، اسان ايوانن اندر موجود جمهوريت کي نٿا مڃون جيستائين گلي محلي جي عوام کي يونين ڪائونسل جي سطح تائين اختيار منتقل نٿا ڪيا وڃن تيستائين جمهوريت کي قبول نه ڪيو ويندو،

اسان چاهيون ٿا ته پيئڻ جي صاف پاڻي کان وٺي سيوريج، ٽريفڪ جي نظام ۽ لوڪل سيڪيورٽي تائين سمورا اختيار هيٺين سطح تائين عوام کي منتقل ڪيا وڃن، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽرن جو ڪم ترقياتي منصوبن جي تڪميل ڪرڻ نه پر قانونسازي ڪرڻ آهي، ترقياتي منصوبن جي نالي تي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، ترقياتي منصوبن جي نالي تي اربين رپين مان ٺيڪن جون ڪمپنيون ٺاهيون ويون آهن، جڏهن عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي کان وٺي سيوريج ۽ مقامي سطح جا مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن ته اهڙي صورت ۾ انهن کان حب الوطني ۽ پاڪستانيت جو مطالبو نه ڪيو وڃي، بلوچستان، فاٽا ۽ ڪراچي ۾ فوجي آپريشن سان مسئلو حل نه ٿيندو، دنيا ۾ مقامي حڪومتن کي اختيار ڏيئي عوامي مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا پر هتي جمهوريت جي نالي تي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽرن کي بااختيار بڻائي عوامي مسئلا حل ڪرڻ کان منهن موڙيو وڃي ٿو. ملڪ ۾ ڀلي 4 بدران 20 صوبا ٺاهيا وڃن پر انهن نون صوبن جو عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو انڪري اسان نون صوبن وارو مطالبو آخر ۾ رکيو آهي، اسان ماضي ۾ وقت جي فروعنن سان حق جي سدا بلند ڪئي آهي، هتي 2001ع ۽ 2013ع جي لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي ڳالهه ڪئي وڃي اسين انهن ٻنهي نظامن کي نٿا مڃون، نيب ڪرپشن کي روڪي نٿي سگهي جيستائين محلي ۽ گهٽي جي عوام جي هٿن کي نيب جا هٿ نه ٺاهيو ويندو تيستائين ملڪ مان ڪرپشن ختم نه ٿيندي. نيب جي هٿن کان وڌيڪ عوام جا هٿ طاقتور آهن تنهن ڪري نيب وارا اختيار مڪاني ادارن واري حڪومتن ذريعي عوام تائين منتقل ڪيا وڃن. ڀلي ماڻهو ڪهڙي به مذهبي فرقي سان لاڳاپيل هجن انهن جو پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم سميت ڪهڙي به پارٽي ۽ نظريي سان واسطو هجي هر ماڻهو کي پنهنجي نظريي ۽ منشور جي حمايت ۾ پروگرام ٻڌائڻ جو حق هجڻ گهرجي، اسانجي ڳالهه ٻڌي وڃي جيڪڏهن اها پسند اچي ته اسان جي حمايت ڪئي وڃي نه ته اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي پر ان اختلاف راءِ کي دشمني ۾ تبديل نه ڪيو وڃي ڪنهن جي جان نه ورتي وڃي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *