آڪٽوبر ۾ آڪٽوبر جي ياد تازي

10 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آڪٽوبر مهيني ۾ آيل زلزلي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، خيبرپختونخواهه،مٿانهن علائقن ۽ پنجاب ۾ زلزلي دوران عمارتون ڊهڻ سبب 216 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 11 سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪلون رد ڪيون ويون، متاثر علائقن ۾ آفٽر شاڪس جو سلسلو پڻ جاري آهي، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 8 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي.. 10 سالن کانپوءِ آڪٽوبر مهيني ۾ آيل زوردار زلزل جا لوڏا سنڌ،پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، قبائلي علائقن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن به محسوس ڪيا ويا زلزلي سبب مختلف شهرن ۾ ماڻهو ڊپ وچان ڪلمو پڙهندا گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري کليل آسمان هيٺ پهتا زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ جاني توڙي مالي نقصان ڪي پي ڪي ۾ ٿيو آهي، دير ۽ چترال وارا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن زلزلي جي نتيجي ۾ سوات ۾ گهر ڪرڻ توڙي ٻين واقعن ۾ 13، چارسدا ۾ 4، مالاڪنڊ ۽ ديامر ۾ 2. 2 ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ 22 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن صوابي ۾ گهر ڪرڻ سبب 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، لوئر دير ويجهو ثمر باغ ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب 3 ٻارن سميت 11 فوت ٿي ويا،جڏهن ته مردان ۾ به ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي لوئر دير ۾ به 34 ماڻهو فوت ٿي ويا،جڏهن ته سوات ۾ 13، باجوڙ ايجنسي ۾ 7 ۽ بونير ۾ به 5 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، چارسدهه ۾ 4، مالاڪنڊ ۽ ديامر ۾ 2،2 ماڻهو فوت ٿيا مردان ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي ڪي پي ڪي جي گاديءَ واري شهر پشاور جي مختلف علائقن ۾ گهر ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا،جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪالام ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي،نوشهره ۾ پڻ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪِري پيون، جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ايبٽ آباد جي جوگن واري علائقي ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب 2 نينگريون سخت زخمي ٿي پيون گلگت بلتسان جي چترال واري علائقي ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 16 ۽ شانگلا ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 18 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي پنجاب جي شهر راولپنڊي ۾ زلزلي سبب عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويا، ڪشميري بازار ۾ دڪان جي ڇِت ڪرڻ سبب 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايبٽ آباد جي مختلف علائقن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 56 ڄڻا زخمي ٿي پيا پنجاب جي قصور واري علائقي ۾ به ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو لاهور، راولپنڊي، ميانوالي، اوڪاڙا، گجرات،فيصل آباد، ملتان، رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، خانيوال ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلو عمارتن کي لوڏي ويو، جنهن بعد ماڻهن ڊپ وچان گهرن ۽ آفيسن مان نڪري کليل آسمان هيٺ پناهه ورتي وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ به زلزلي سبب عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا،جڏهن ته مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن کي پولي ڪلينڪ اسپتال آندو ويو ڪي پي ڪي جي حڪومت صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته سمورن متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن به جاري آهي، مٿانهن علائقن ۾ مٽي جو ڇپون ڪرڻ ۽ برفباري سبب ڏورانهن علائقن جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽيل آهي سنڌ جي لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ٺل، شهدادڪوٽ، پريالو ۽ اوٻاوڙي سميت ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا،جڏهن ته بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي،نصير آباد، جعفرآباد ۽ بولان سميت ٻين علائقن ۾ زلزلي سبب ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا زوردار زلزلي بعد متاثر علائقن ۾ موبائل فون سروس به ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي، جڏهن ته گليشيئرز پڻ ٽٽي پيا. زلزلي جا لوڏا افغانستان، ڀارت، دبئي ۽ فجيءَ جي ٻيٽ تي به محسوس ڪيا ويا موسميات کاتي جي ريڪٽر اسڪيل موجب زلزلي جو مرڪز هندوڪش جو جابلو سلسلو هو،جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 8 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي موسميات کات موجب زلزلي جي زمين هيٺان اونهائي هڪ سئو 93 ڪلوميٽر هئي ياد رهي ته پاڪستان ۾ 10 ورهيه اڳ 8 آڪٽوبر تي به تباهي آڻيندڙ زلزلي سبب هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *