آصف علي زرداري جو ڏيهه ورڻ جو اعلان ۽ پ پ پاران کيس تڪڙ نه ڪرڻ جو مشورو…!!!

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جلد ئي ڪجهه هفتن اندر پاڪستان ۾ هوندس اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي ايڪسٽينشن ڏئي جمهوريت ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيو، ان وقت گهر ويندڙ ڪافي دوست اهڙا هوندا جن مائينڊ سيٽ پرويز مشرف وارو هوندو. مشرف ووٽن لاءِ خيرات گهري، اسان کيس کير مان مک جيان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. لنڊن ۾ مون وٽ ڪوبه اپارٽمينٽ ناهي. سري محل به هاڻي ناهي رهيو. اسان کي حڪومت ۾ نه ڪيل ڏوهن جي سزا به ملندي آهي. جلا وطن ناهيان، سياست ۾ ٽائمنگ هوندي آهي، چاهيم پئي ته بلاول اڳتي اچي ذميداري سنڀالي،خطرا ضرور آهن پر مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. بلاول جي امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو به هڪ حملي ۾ بچي وئي هئي، کيس ٻيو حملو ڪري شهيد ڪيو ويو. ڊاڪٽر عاصم خانداني ماڻهو آهي، سندس خاندان پڙهيل لکيل آهي. هو آسان ٽارگيٽ هو، ان ڪري نشانو بڻيو، اميد آهي هو جلد ٻاهر اچي ويندو. مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ به واعدي معاف گواهه هئا، ڪيس مان عزت سان آزاد ٿيس. 6 سال بعد ٻيهر مون تي بي ايڇ ڊبليو جو ڪيس بڻايو ويو، جيل ڏٺل آهي، هي هٿ آزمايل آهن، جيڪي جيلن کان ڊڄن ٿا اهي سياست بدران ٻيو ڪو ڪم ڪن، چين تمام سٺو دوست آهي، حڪومتي دور ۾ هر هفتي چيني وفد مون سان ملاقات لاءِ ايندو هو. ان کي ٻڌائيندو هئس ته گوادر وچ چين کان ڪيترو پري آهي، اسان 35 ملين ڊالرن ۾ گوادر پورٽ چين کي ڏنو. عمران خان پاناما ليڪس جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويو آهي، بابر اعواڻ پروفيشنل وڪيل آهي. جيڪو فيس ڏيندو ان جو ڪيس وڙهندو. اعتزاز احسن ۽ عمران خان پراڻا پاڙيسري آهن. اسان اهو نه پيا چئون ته حنا رباني کي پرڏيهي وزير بڻايو وڃي، حڪومت پنهنجو ڪو وزير آڻي. 2013ع جي چونڊ آر اوز جي هئي، 18هين ترميم ذريعي صوبن کي اسلام آباد سان جوڙيو، ڊونلڊ ٽرمپ ڪاروباري شخص آهي، آمريڪين کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. اڪثر دنيا ۾ ٽرمپ جي صدر بڻجڻ کان مونجهارو پکڙجي ويو آهي، هو واپاري ماڻهو آهي، واپاري حالتن موجب هلندو آهي، آمريڪين چاهيو پئي ته اوباما وڃي، آمريڪي چونڊ ڪجهه پاليسين جو ري ايڪشن آهي. واشنگٽن کان نيويارڪ ويندڙ ريل ۾ چڙهڻ سان لڳي ٿو ته ڪلڪتي جي ٽرين ۾ ويٺا آهيون. ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ لاءِ چيني ڪمپني سان معاهدو ٿي ويو آهي، چين جي ڪمپني سان ڪچرو کڻڻ لاءِ معاهدو گهٽ اگهه تي آهي. ڪراچي لاءِ مرڪزي حڪومت کي سوچڻ گهرجي. شهر قائد لاءِ مرڪزي حڪومت کي خاص فنڊ رکڻا پوندا.

پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڏيهه ورڻ ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جو مشورو ڏيندي حتمي مشاورت لاءِ ايندڙ هفتي دبئي ۾ اهم گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي، مليل ڄاڻ موجب پارٽي اڳواڻن آصف زرداري کي چيو آهي ته في الحال ڏيهه اچڻ لاءِ ماحول بهتر نه آهي، تنهن ڪري پارٽي جا معاملا بلاول ڀٽو زرداري کي ئي هلائڻ ڏنا وڃن. سينيئر قيادت آصف زرداري کي چيو آهي ته هــُو جيڪڏهن ڏيهه اچي ٿو به ته تمام جلد واپس هليو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *