آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جو اعلان….

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آئين جي آرٽيڪل 62 ۾ ترميم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آئين جي رٽيڪل 62 (1) ايف جي خاتمي لاءِ آئيني ترميم آندي ويندي ۽ ان ترميم جي لاءِ مخالف ڌر سان به ڳالهايو ويندو. اطلاعن موجب ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان وڏي اڳڀرائي جو امڪان آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي خاتمي لاءِ حمايت ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران پڻ انهن آرٽيڪلن جي خاتمي جي حمايت جو امڪان آهي ڇو ته عمران خان جي مٿان پڻ انهي شق جي حوالي سان نااهلي جي تلوار لٽڪيل آهي جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جي پڻ ان حوالي سان حمايت مجبوري آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز  شريف جي نااهلي کانپوءِ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان مختلف سياسي پارٽين سان بيڪ ڊور چينل رابطا به ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ ان جي خاتمي لاءِ اڳڀرائي ڪندي.

هڪ نجي ٽي وي کي انٽر ويو ڏيندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيترو وڏو ليڊر هوندو آهي، خطرا به اوترائي وڏا هوندا آهن، جيڪڏهن سياست ۾ رهڻو آهي ته حالتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، سياست جو مقابلو سياست ۽ عوامي خدمت سان ظاهر ٿيندو آهي.  نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور وڃڻ احتجاج ناهي، هو پنهنجي گھر وڃي رهيو آهي. نواز شريف وزير اعظم جي ڪرسي تي ناهي پر پاليسيون ان جون ئي آهن.  وزارت عظميٰ لاءِ منهنجو نالو نواز شريف تجويز ڪيو هو، سڀني ڀليڪار ڪيو. مان 45 ڏينهن لاءِ آهيان يا 10 مهينن لاءِ فيصلو پارٽي ڪندي، جيترو عرصو پارٽي چوندي، ايترو عرصو وزيراعظم رهندس. منهنجو نالو وزارت عظمي ۾ آيو ته چوڌري نثار به ڀرپور حمايت ڪئي، هو ڪابينا ۾ ناهي پر سندس مڪمل حمايت حاصل آهي، توهان کي منهنجي ضرورت هجي ته حاضر آهيان. نواز شريف کي 30 سال وفاقي حڪومت جو تجربو آهي، سندس عالمي اڳواڻن سان لاڳاپا به سٺا آهن، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر آهن ۽ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان ڊگهي عرصي کانپوءِ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي. وڏي ڪابينا نقصان نه پر فائدي واري آهي، پاڻي واري وزارت جي سخت ضرورت هئي، جيڪا اسان قائم ڪئي آهي، هلندڙ سال جي نومبر مهيني کان پوءِ بجلي جي لوڊ شيٽنگ نه ٿيندي، ماڻهن کي اهو وسري ويندو ته ملڪ ۾ لوڊشيٽنگ ٿيندي هئي، پيٽروليم ۽ پاور واري وزارت کي ضم ڪيو آهي. سياسي پارٽين وچ ۾ ميثاق معيشيت به هجڻ گھرجي.  جيڪي ماڻهو چاهين ٿا ته پاڪستان ترقي نه ڪري اهي سازشون ڪندا آهن، اڄ گارين واري سياست عام ٿي چڪي آهي، جنهن کي ڪير به پسند نٿو ڪري، ايندڙ عام چونڊن ۾ کين خبر پئجي ويندي. قطر ايل اين جي پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، اسان قطر کان 2.75 بلين ٽن ايل اين جي وٺي رهيا آهيون، جيڪا ڀارت سميت ٻين خريد ڪندڙ ملڪن کان گھٽ اگھه تي ورتي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *