آثار قديمه جا ڪٽ چڙهيل سنڌ جا ادارا ڪجهه ڪري سگهندا

 

ڀارت ۾ آثارِ قديمه جي ماهرن اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته ”سنڌو سڀيتا“ جو بُڻ بڻياد ڀارتي علائقن کان شروع ٿيو هوندو. اها ڳالهه ڀارتي شهر پونا ۾ قائم ” دکن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ  ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ جي ماهرن چيو آهي ته ڀارتي علائقي ”هريانه“ جي پراڻي آثاري مرڪز ” راکي ڳڙهي“ جي کوٽائيءَ مان مليل انساني ڍانچا انهن جون ڄمارون 4000 کان ساڍا چار هزار سال پراڻا آهن. ان جاءِ تان کين ٻن مردن، هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جا بدني ڍانچا مليا آهن، جن جي DNA ٽيسٽ ڪرائي، ان ڳالهه جي امڪان کي ڳوليو ويندو ته هنن جا اوائلي مائٽ ڪير ڪير ٿي سگهن ٿا. انهن چئني ڍانچن ۾ ڪنهن به قسم جي بيماري لڳل ڪانهي، اهي صاف سُٿرا آهن ۽ انهن منجهان ڪيئي نوان اصرار سامهون اچي سگهن ٿا.

ڪاليج جي وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ”وسنت شنڊي“ چيو آهي ته ايندڙ جولاءِ ۾ اسان دنيا کي ٻڌائي سگهنداسين ته انهن آثارن منجهان نيون سچايون ڪهڙيون لڌيون آهن. هن چيو آهي ته ٻن هڏاون ڍانچن جي چهري جا پڃرا سلامت آهن. ان سان ” هڙپا“ جي حوالي سان نيون نيون ڳالهيون ملي سگهنديون. هن وڌيڪ چيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ انساني ڍانچن پرکڻ جو شاندار سافٽويئر پن ان سلسلي ۾ سندن رهنمائي ڪري سگهندو ته انهن چئني انسانن جي چمڙي، وار، رنگ وغيره ڪهڙا آهن. ڇوته اهي انساني پڃرا ”هڙپا “ مان مليل انساني جسمن وانگر آهن.

ڀارتي علائقي ”هريانه“ جي ضلعي ”حصار“ جي وسندي راکي ڳڙهيءَ ۾ 21 خندقون ۽ چار پوريل جايون مليون آهن. انهن ۾ هڙپا مان مليل ٿانون، جنگلي سوئر، ڪتا وغيره مليا آهن.

ان جديد تحقيق تي وفاقي توڙي سنڌ جي سرڪار ۽ اڃا به ايئن چئجي ته ملڪ ۾ قديم آثارن جي باري ۾ جيڪي به ماهر آهن انهن سمورن کي ان سلسلي ۾ پنهنجون پنهنجون سچايون سامهون آڻن گهرجن. ”هڙپا“ جو بنياد ڀارت جا مختلف پرڳڻا آهن يا اها ڌار تهذيب آهي يا اهي هڪ ئي تهذيب جا ٽڙيل پکڙيل سلسلا آهن، ان جي باري ۾ پاڪستاني ماهرن کي پنهنجي موقف جي باري ۾ دنيا کي ٻڌائڻ گهرجي. ايندڙ ٻن مهينن ۾ جڏهن مليل ڍانچن جي ڏکڻ ڪوريا مان ”ڊي اين اي“ ٽيسٽون ٿي اينديون ته انهن جي روشني ۾ پڻ اهي ماهر وري سڀيتائن ۽ ان جي اوائلي زمانن تي سوچڻ شروع ڪن.

پاڪستان سرڪار کي ۽ خاص طور سنڌ سرڪار جي قديم آثارن جي کاتي کي گهرجي ته ڀارت ۾ ملندڙ انهن آثارن جي باري ۾ پنهنجي تحقيق کي جديد بڻائين ۽ جيڪي جيڪي نيون ڳالهيون، نشانيون ۽ آثار مليا آهن انهن جو سنڌو سڀيتا سان سٻنڌ پڻ ڳوليو وڃي ۽ جيئن ڀارت جا ماهر چون ٿا انهن جي باري ۾ سرڪاري سطح تي اسان جي ملڪ ۾ به تحقيق کي نئون ڪرڻ شروع ڪجي. ان سان هڪ پاسي آثار قديمه جا ڪٽ چڙهيل سنڌ جا ادارا ڪجهه ڪري سگهندا، ساليانيون بجيٽون سجايون ڪري سگهندا ۽ دنيا ۾ جيڪي نيون نيون سچايون سامهون اچي رهيون آهن انهن مان پاڻ به سکي سگهندا ۽ دنيا کي پڻ پنهنجي خيالن توڙي ڪيل کوجنائن جي باري ۾ ٻڌائي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *