آبادگارن کي معاشي طور تباهه ڪرڻ جي سازش

 

سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل طبقو ڪنهن نه ڪنهن ريت معاشي مسئلن ۾ جڪڙيو پيو آهي،ٿيڻ ته ائين گهرجي جو انهن جي سڌي ريت مدد نٿي ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ سرڪار ڪنهن مد ۾ ئي صحيح، ڪو رليف ڏئي، ڪو پئڪيج ڏي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن اميدن جي ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي.ڪمند جي آبادگارن جو حال پنهنجي سامهون آهي جيڪي ٻاڏائي ٻاڏائي ٿڪجي پيا آهن ته انهن کي مناسب اگهه ڏنو وڃي پر هينئر مند ختم ٿيڻ واري هئڻ باوجود سندن مطالبي تي عمل ناهي ٿي سگهيو، ان حد تائين جو معاملو عدالت ۾ پهچي ٿو ۽ سنڌ سرڪار مداخلت ڪري پنهنجي طرفان ڪجهه سبسڊي ڏيڻ جي آڇ ڪري ٿي پر پوءِ به ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. اهڙي ريت ڪمند جي آبادگارن کي به معاشي طور تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي وئي،خوراڪ کاتي جي ڪامورن ۽ واپارين جي مبينا طور ڳٺجوڙ جي ڪري ڪڻڪ جي آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل لهڻ باوجود نه رڳو خريداري مرڪز کلي سگهيا آهن پر ظلم جي حد آهي جو سرڪار پاران مقرر ڪيل 1300 سئو روپيه في مڻ اگهه بدران آبادگارن کي 900 سئو روپين کان هڪ هزار روپين تائين في مڻ تي ڏئي کانئن هڪ طرح جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي،يعني پهريان شگر مل مالڪن جي ڪمند جي آبادگارن سان هوڏ هئي، هاڻ وري انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ مخصوص بدعنوان حلقو سرگرم آهي جنهن جي ڪوشش آهي ته جيترو ٿي آبادگارن کي ڪڻڪ جو في مڻ گهٽ اگهه ڏئي پنهنجا پيٽ ڀريا وڃن ، هينئر جيڪا ناني ويڙهي وسيلي رٿابندي ڪئي وئي آهي اها هي آهي ته ڪنهن ريت آبادگارن جا 4 ارب روپيه ڳڙڪايا وڃن، نقصان جي نتيجي ۾ لاڳاپيل اختيارين تائين شڪايتن باوجود نه ڪو قدم کنيو ويو آهي نه وري حڪومت پاران ان ڏس ۾ نوٽيس وٺي ڪنهن انتظامي عملدار کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڪڻڪ جي آبادگارن سان آخر اهڙو ڪلور ڇو ٿي رهيو آهي؟، لاپرواهي جي حد چئبي جو مارچ ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پهريان ئي خريداري جا مرڪز کولڻا هوندا آهن پر هن وقت تائين اهي ناهن کوليا ويا ۽ هڪ مخصوص لابي پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي ويٺي آهي جيڪا سرڪار جي حڪمن کي لفٽ ئي نٿي ڪرائي ۽ بس اهو ڪري رهي آهي جيڪو ان جي دل چوي ۽ ان جي مفاد ۾ هُجي. هي هڪ طرح جو چئلينج به آهي ۽ گڏوگڏ سواليه نشان به آهي ته جيڪڏهن آبادگارن سان حڪومت به انصاف نه ڪري ته پوءِ اهي ڪنهن در دانهن؟ سخت محنت باوجود انهن کي ڪڻڪ جي اگهه جي صورت ۾ محنت جو مناسب حل نه پيو ملي ۽ ان جي ابتڙ غريب آبادگار ضرورت آڏو مجبور ٿي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ وڪڻڻ لاءِ به مجبور آهي، هن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ جي اميد آهي يعني گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10 لک ٽن ڪڻڪ جي وڌيڪ اُپت ٿيندي پر خوراڪ کاتي نئين ڪڻڪ 9 لک ميٽرڪ ٽن تائين خريداري جو فيصلو ڪيو آهي، اگهه 1300 روپيه مقرر ڪيو ويو پر اهو رڳو ڪاغذن جي حد تائين مقرر آهي جڏهن ته عمل جي سلسلي ۾ سواليه نشان برقرار آهي.هن صورتحال ۾ جيڪڏهن متاثر ٿئي ته اهو آبادگار ئي آهي ڇاڪاڻ جو ڪميشن مافيا پنهنجي لالچ جي چڪر ۾ انهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي، هينئر جڏهن آبادگارن کي في مڻ تي گهٽ ادائيگي ڪئي پئي وڃي ته ان جي نتيجي ۾ آبادگارن کي 8 ارب روپين جو نقصان آهي، 4 ارب واپارين ۽ 4 ارب ڪامورن جي کيسي ۾ ويندا. ان کان پهريان به ڦٽين، ڪمند¸سارين، ڄانڀي ۽ سرنهن جي آبادگارن کي مناسب اگهه نه مليو هو هينئر بندوقن جو رخ ڪڻڪ جي آبادگارن ڏانهن آهي. سنڌ سرڪار کي گذارش آهي ته اها مختلف کاتن ۾ قائم ٿيل هڪ هٽي جو نوٽيس وٺي ۽ غريب طبقي کي ويتر غريب ٿيڻ کان بچائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *