آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي..!

 

سنڌ جي سياستدانن، قومپرستن ۽ آبادگارن سنڌ ۾ ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه 182روپين تي شگر مل مالڪن پاران آبادگارن کان ڪمند خريد نه ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر مقرر ڪيل اگهه تي آبادگارن کان ڪمند خريد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نوٽيفيڪشن مطابق ڪمند مقرر ڪيل اگهه 182 روپين ۾ خريد ڪيو وڃي، شگر مل مالڪن طرفان بند پيل شگر ملون فوري طور تي کولرايون وڃن، ڪمند جي بحران ڪري ڪڻڪ جو فصل به تمام گهڻو متاثر ٿيندو، آبادگار ۽ هاري سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙو مطالبو هنن اڳوڻي ضلعي ناظمه ٽنڊوالهيار ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي طرفان سنڌ ۾ آبادگارن کي مقرر ٿيل ڪمند جو اگهه نه ملڻ ۽ شگر مل مالڪن طرفان بند ڪيل شگر ملون نه کولڻ خلاف مگسي هائوس حيدرآباد تي سڏايل احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن ۾ جيڪڏهن حڪمرانن ڪمند جو اگهه مقرر ڪيل اگهه تي نه ورتو ۽ شگر ملون نه هلايون ته وڌيڪ لائحه عمل جوڙيندي سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. هن چيو ته زراعت ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جون 17 شگر ملون هڪ ئي مالڪ جون آهن، شگر ملون قانون مطابق پهرين آڪٽوبر کان هلائڻ گهرجن، پر ان تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته سندس وڏ وزارت جي دور ۾ شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن وچ ۾ اگهه بابت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا هئا ۽ ان دوران شگر مل مالڪن پاران سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد نه ڪرڻ تي شگر مل مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو، جڏهن ته هاڻ حڪمرانن جي هڪ سازش تحت مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد نه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ اندر هم آهنگي ۽ ڀائيچاري واري صورتحال کي قائم رکندي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ تي سمورين سياسي، قومپرست ۽ مذهبي پارٽين سميت آبادگار ۽ هاري گڏ آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو ته سنڌ اسيمبلي جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪري ٿي، انهن تي عمل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، پر سنڌ اسيمبلي مان جيڪي به ٺهراءُ عوام جي فائدي وارا پاس ٿين ٿا، انهن تي سنڌ حڪومت ڪوبه عمل نٿي ڪرائي. هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ ۾ بدترين مارشل لا آهي، سنڌ جا کاتا  خانگي ماڻهو هلائي رهيا آهن، سنڌ  حڪومت جي اهڙي عمل سبب سنڌ جي عوام جو ڪوبه بنيادي مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 روپيا ڏنو وڃي ۽ جن مالڪن پاران شگرملون بند ڪيون ويون آهن، انهن کي فوري طور تي هلرايو وڃي. هن چيو ته آبادگارن جي احتجاج ۾ ڀرپور نموني سان هر قدم تي گڏ هونداسين. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عدم اعتماد جي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي پئي وڃي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سرڪار اسان سڀني جي خلاف نفسياتي جنگ ڪري رهي آهي، شروع ۾ ڪمند جي معاملي تي اگهه جو مطالبو وڌيڪ ڪيو ويو هو، جنهن تي اهو چيو ويو ته 300 روپيا مڻ ڪاٺيون وڪرو ٿي رهيون آهن، ان ڪري سستي اگهه تي ڪمند نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر، مرچ، سارين، ڦٽين کان وٺي هر زرعي فصل جو اگهه آبادگارن کي تمام گهٽ ملي ٿو، ان سڄي مصيبت مان نڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي، سنڌ جي آبادگارن طرفان جيڪا به جدوجهد شروع ڪئي ويندي، ان ۾ اسان گڏ آهيون. هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ان سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملن کي هلرائڻ لاءِ باقائدا احتجاجي تحريڪ هلائيندي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو وڃي، سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ کپي، سنڌ جا سمورا هاءِ ويز بند ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمند سارين، ڪپهه، مرچن سميت سمورن زرعي فصلن ۾ آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اها سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن جا مالڪ سنڌي آهن، حڪمرانن پاران ڪيل سنڌ دشمن فيصلي خلاف اڄ جيڪي هتي گڏ ٿيا آهن، اهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪن ۽ ان سان گڏ ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس سامهون ڌرڻو هڻن. هن چيو ته سنڌ جي تيل، گئس ۽ فيڪٽرين جو مالڪ ڌارين کي ڪيو ويو آهي، پنجاب سنڌ جو استحصال ڪري رهيو آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري چيو ته هتي اڄ سڀ زميندار گڏ ٿيا آهيون، جن سان هاري به ڀاڳي ڀائيوار آهن، آبادگار پنهنجو حق گهري رهيا آهن، جن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته هڪ طرف عدالتن جي عزت ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف انهن جي فيصلن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، اها ڪهڙي سوچ آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته شگر ملن واري مسئلي تي سنڌ حڪومت ڌر بڻيل آهي، ڪمند جي آبادگارن سان تمام وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪمند جو مقرر ڪيل نه وٺڻ ۽ شگر ملون هلرائڻ لاءِ سنڌ جي سمورن وڏن روڊن ۽ ريلوي پٽڙين تي ڌرڻا هنيا وڃن، اسان قومپرستن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ڪارڪنن جا لاش به کنيا آهن، سمورا قومپرست ڪارڪن آبادگارن جي ڌرڻن ۾ اڳيان هوندا. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي چيو ته 34 شگر ملون سنڌ ۾ آهن، جن مان 3 شگر ملون خرابي سبب بند آهن، جڏهن ته 31 شگر ملن مان ڪيتريون ئي شگر ملون بلاجواز بند ڪري آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو اعلانيل 182 روپيا في مڻ اگهه به نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته جنهن طريقي سان زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ان سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پهچندو، آبادگارن جي هن مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ اسان احتجاج به ڪيو آهي ۽ هاڻ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد به هلائينداسين.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *