ڪچيون آباديون دهشت گردن جون پناهه گاهون بڻيل

 

سنڌ سرڪار سنڌ ۾ قائم مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ لاءِ وفاق سان رابطو ڪرڻ، سي پي ايل سي جي آفيس گورنر هائوس مان سنڌ پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪرڻ ۽ دهشت گردي روڪ سيل سي ٽي سي ڪور ڪمانڊر هيڊ ڪوارٽر ۾ قائم ڪرڻ 61 بندش تنظيمن ۽ سندن مددگارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن کان ڇڏايل گهوٽڪي جي اڍائي هزار ايڪڙ ڪچي جي زمين بي زمين هارين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ سي ايم هائوس ۾ ٿيل امن امان جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سيد مراد علي شاهه، سهيل انور سيال، ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، چيف سيڪريٽري، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي، سيڪريٽري ڪچي آبادي، ايڊووڪيٽ جنرل سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي گهرو کاتي جي سيڪريٽري مختيار سومري چيو ته 14 مئي تي آرمي چيف جي صدارت ۾ ٿيل اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته سمورن ڳجهن ادارن جي نمائندن تي ٻڌل دهشت گردي ٽوڙ سيل سي ٽي سي ڪور ڪمانڊر هيڊ ڪوارٽر آفيس ۾ قائم ڪيو ويندو. فيصلي تي عمل ڪندي سيل قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان سيل پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته شهر ۾ هوائي نگراني لاءِ هڪڙو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، هوائي ڦوڪڻي ۾ ڪيمرائون لڳائي شهر جي نگراني ڪئي ويندي. جنهن تي وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي چيو ته ان رٿا بابت کيس وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هن تي عمل ڪرائي سگهجي. ڪرائسز ڪنٽرول مئنيجمينٽ سي سي ايم بابت آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ۾ قدرتي توڙي انسان طرفان پيدا ڪيل تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 قائم ڪيو ويندو. ان لاءِ صوبائي ڊزاسٽر اٿارٽي جو وفد راولپنڊي ويندو جيڪو ريسڪيو 1122 جو جائزو وٺندو، جنهن تي وڏي وزير کين هدايت ڪئي ته ان ڪم کي جلد اڪلايو وڃي. ياد رهي ته صفوران ڳوٺ واقعي وقت ريسڪيو سرگرميون بر وقت نه ٿيڻ سبب غير ضروري ماڻهن جي پيهه وڌي وئي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اهي اسماعيلي، بوهري برادري، هندو، عيسائي، پارسي ۽ ٻين اقليتي برادرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ انهن جو فوري اجلاس گهرائين ۽ انهن جي حفاظت لاءِ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن چيف سيڪريٽري چيو ته ايندڙ اڱاري تي سمورن مسلمان ۽ غير مسلم اقليتي برادرين جي نمائندن جو اجلاس منعقد ڪندو. وڏي وزير جي هدايت تي آءِ جي غلام حيدر جمالي چيف آف آرمي اسٽاف کي پوليس کي هٿيار ۽ ٻيو گهربل سامان فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ لسٽ موڪلي هئي جنهن منجهان چيف آف آرمي اسٽاف پوليس لاءِ 5 سئو جي ٿري رائفلون موڪليون آهن، ان موقعي تي آءِ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. شر ۽ شيخ برادري سان تعلق رکندڙ 11 ڌاڙيل ماريا ويا آهن ۽ 3 گرفتار ڪيو ويو آهي. پنجاب سان تعلق رکندڙ ڌاڙيل ڪچي جي علائقي ۾ فرار ٿي ويا آهن. ان آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به اهم ڪردار ادا ڪيو. ڌاڙيلن جي قبضي مان گهوٽڪي مان اڍائي هزار زمين ڇڏائي وئي آهي. اها زمان مقامي بي زمين هارين کي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کان معلوم ڪيو ته اوهان بڪتر گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس ٽيڪسلا جو دورو ڪيو آهي، جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته هو ان ڏس ۾آءِ جي سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. تمام جلد ٽيم رواني ڪئي ويندي. گهرو سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ وفاق سرڪار کي قانون سازي لاءِ خط لکيو آهي ۽ انهن کي اسان کي هڪ پروفارما موڪليو آهي جنهن تي اطلاعات واري وزير چيو ته ان پروفارما ۾ هڪ ڪالم وڌايو وڃي جنهن ۾ مدرسي لاءِ زمين يا پلاٽ ڏيندڙ پهريان گهرو کاتي کان ان جي اين سي وٺي بعد ۾ اها زمين مدرسي جي حوالي ڪري. وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان وفاقي سرڪار سان رابطي ۾ رهڻ ۽ جلد کان جلد مدرسن جي رجسٽريشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. گهرو سيڪريٽري وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز طرفان 61 پابندي پيل مذهبي تنظيمن جي لسٽ موڪلي وئي آهي، جنهن خلاف جلد ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ۽ پوليس رينجرز انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي کي پنهنجو هڪ ڊائريڪٽر صوبائي اپيڪس ڪميٽي ۾ موڪلڻ لاءِ دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن دهشت گردن کي مالي مدد ڪندڙن جي نگراني ٿي سگهي. جڏهن ته وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ويو ته سي پي ايل سي جو هيڊ ڪوارٽر گورنر هائوس مان پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ويو ته دهشت گرد ڪچي آبادي ۾ پناهه وٺن ٿا، سنڌ ۾ هڪ هزار 4 سئو 9 ڪچيون آباديون آهن جنهن منجهان 5 سئو 64 آباديون ڪراچي ۽ باقي ٻين ضلعن ۾ آهن. 85ع کان اڳ قائم ڪيل ڪچيون آباديون ان جي اختيار هيٺ آهن. ان کان بعد ۾ قائم ٿيل ڪچيون آباديون سندس اختيار هيٺ نه آهن. وڏي وزير چيو ته ڪچين آبادين کي ميرٽ جي بنياد تي پڪو ڪيو وڃي ان لاءِ آباد ايسوسيئيشن سان رابطو ڪري انهن کان مدد حاصل ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڳجهن ادارن کان رپورٽون مليون آهن ته ڪچيون آباديون دهشت گردن جون پناهه گاهون آهن.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي آپريشن خلاف واويلا جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *