ڪمند معاملو، سنڌ سرڪار ۽ آبادگارن ۾ ڊيڊ لاڪ ….!

سنڌ ۾ ڪمند جي اگهه وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي حيدرآباد ۾ زراعت واري وزير سهيل انور سيال ۽ آبادگارن وچ ۾ گڏجاڻي ٻيهر بنا نتيجي ختم ٿي وئي جنهن بعد  آبادگارن 8 جنوري تي هٽڙي باءِ پاس تي ٻيهر ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير سهيل انور سيال ۽ سنڌ جي آبادگار تنظيمن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي اڄ جيمخانا حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي، سيد محمود نواز شاهه، ايوان زراعت سنڌ جي صدر قبول محمد کٽياڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائيندي چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عملدرآمد نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن تي صوبائي وزير سهيل انور سيال آبادگارن چيو ته آبادگارن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. جيڪي شگرملون بند ٿيون آهن، انهن کي ٻن ڏينهن اندر چالو ڪرايو ويندو، جيڪا شگرمل چالو نه ٿي ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته آبادگارن ۽ صوبائي وزير جي وچ ۾ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي ٿيل گڏجاڻي ٻيهر بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي، اجلاس بعد آبادگار اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شگرمل مالڪ من ماني ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ حڪومت ۽ عدالتي فيصلي کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهن. شگرمل مالڪن ڪمند وٺڻ بدران ملون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب آبادگارن کي نقصان پهچي رهيو آهي. هنن اعلان ڪيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ 8 جنوري تي هٽڙي باءِ پاس تي پرامن ڌرڻو هنيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *