ڪمند جي اگهه وارو معاملو ڪڏهن نبرندو..؟

 

لڳي ٿو ته ڪمند جي اگهه تي شروع ٿيل تڪرار تڏهن حل ٿيندو جڏهن ڪمند جي سيزن ختم ٿي ويندي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن مند ۾ مسئلو ٿيو ته اهو آبادگارن جي فائدي ۾ ويندو ۽ ملز مالڪ سوال ئي پيدا ناهي جو هاڻي معاملي جي حل لاءِ ڪجهه وک وڌائين ۽ سندن موڊ مان لڳي به ايئن رهيو آهي ته اگهه وارو مسئلو بس اٽڪيل ئي رکڻو آهي، سڄي ڪشمڪش ۾ ويچاري آبادگار جا لاهه نڪري رهيا آهن، جيڪو وڏي جستجو بعد ان اميد سان ڪمند پوکي ٿو ته من ڪجهه فائدو ملي پر جڏهن فصل لهي ٿو ته پوءِ ملز مالڪن جا نخرا، پنهنجا قائدا ۽ قانون، انهن نام نهاد پاليسن جي نتيجي ۾ غريب طبقو پيڙهجندو رهي ٿو ۽ ان وقت تائين جيستائين ڪمند جي سيزن آهي، تيستائين وٺ وٺان ۽ ڇڪتاڻ هلي ٿي پر ڪو کڙتيل نٿو نڪري، هن ڀيري به ڪجهه اهڙو سين ٿيو آهي، ڪمند جي اگهه جو تڪرار ڪافي مهينا گذري ويا آهن، پر ختم ناهي ٿيو، معاملي ۾ سنڌ سرڪار دلچسپي ورتي، هڪ نه پر مختلف مرحلن تي سرڪار کي مداخلت ڪرڻي پئي پر نتيجو ٻڙي نڪتو، معاملو عدالت تائين به پهتل آهي، پر پوءِ به هڪ مافيا جيڪا نه ٿي چاهي ته هي تڪرار ختم ٿي وڃي اها پنهنجي ان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. حالانڪه سيزن ختم ٿيڻ ڏانهن پئي وڃي ۽ آبادگار طبقي جا مٿي تي ٻئي هٿ آهن ته ڇا ڪجي؟، انهن کي مقامي شگر ملز مالڪ مجبور ڪري رهيا آهن ته گهٽ اگهه تي ڪمند جو وڪرو ڪري ۽ ظاهر آهي ته آبادگار ڪري ته ڇا ڪري؟، ان وٽ ڪو متبادل گس ڪونهي جو بليڪ ميلنگ مان پنهنجي جان آجي ڪرائي ۽ مجبور ٿي کيس مختلف مرحلن ۾ گهٽ اگهه تي وڪري وارو زهر جو ڪڙو ڍڪ پيئڻو ٿو پوي، سنڌ سرڪار اگهن جي تعين لاءِ ميدان تي آئي، اها اميد به جاڳي هئي ته ٻيلي هاڻي برف پگهرجندي پر ويتر مسئلو منجمند ٿي ويو، ڌريون خاص ڪري شگر ملز مالڪ پنهنجي ضد تان هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ هن وقت تائين به تيار ناهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن کي آخر اهڙي ڪهڙي طاقت جي پٺڀرائي حاصل آهي جو هو ڪنهن به حڪم کي خاطر ۾ ئي نٿا آئين، رياست جي انتظاميا ٽياڪڙي ڪري ٿي ته ڪارخانيدارن کي قبول ناهي، قبول آهي ته بس گهٽ اگهه جيڪو انهن کي ته وڌيڪ مستحڪم ڪري پر آبادگار طبقي کي ڪنگال ڪري، ان باوجود ته سنڌ سرڪار ڪمند جي اگهه تي 12 رپيا سبسڊي ڏئي ٿي پر پوءِ به معاملو اڳتي نه ٿو وڌي، جس آهي سنڌ سرڪار کي ته اها شگر ملز انتظاميا جي ضد جي ڪري 12 رپيا في مڻ تي ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته 160 رپيا شگر ملز وارا ادا پر پوءِ به مسئلو اٽڪيل آهي، هن ڀيري اها اگهه تي اٽڪيل ناهي پر نوٽيفڪيشن جي معاملي تي آهي، ڇو جو حڪومت جو موقف آهي ته نئين اگهه جو نئين سر نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، پر آبادگارن جو موقف آهي ته اگهه ڀل نئون ڏنو وڃي پر نوٽيفڪيشن ته جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي ڇو جو ان صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آبادگارن جي هلندڙ ڪيس تي اثر پوندو، آبادگارن جي دعويٰ آهي ته اهي نوٽيفيڪشن جاري ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيس هارائي ويندا، آبادگار اڃا به ان موقف جا آهن ته شگر ملز وارا ناانصافي پيا ڪن ۽ کين 182 رپيا في مڻ کان گهٽ اگهه قبول ناهي، هاڻي جڏهن ڪجهه نقصان حڪومت ڀرڻ لاءِ تيار ٿي آهي ته جيئن مسئلو ختم ٿئي ته اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سرڪار وک وڌائي آهي ته ڪجهه شگر ملن وارا وک وڌائين ۽ ڪجهه آبادگارن کي به ڪس ڪسر کائڻ گهرجي، لچڪ جو مظاهرو ٿيندو ته حل نڪرندو، نه ته جمود واري صورتحال رهندي ۽ هر ڪو اهو ئي سوال ڪندو رهندو ته ڪمند جي تڪرار جو حل آخر ڪڏهن نڪرندو؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *