ڪمند جو اگهه 170 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز

 

سنڌ حڪومت ڪمند جي پنهنجي ئي مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا مڻ تان ڦرڻ جو اشارو ڏيندي سپريم ڪورٽ ۾ 170 رپيا مڻ جي اگهه جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاسما جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته آبادگارن جا به ڪجهه حق آهن پر ڏسڻو پوندو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جو حق آهي يا نه، آبادگارن جي وڪيل رضا رباني جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ شگر ملز مافيه ڪم ڪري پئي، عدالت پاران اگهه مقرر ڪرڻ کانپوءِ ملرز ملون بند ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پاسما جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي. عدالت ۾ سنڌ حڪومت ٻڌايو ته حڪومت ان ڳالهه تي مڪمل طور راضي آهي ته جيڪڏهن ڌريون راضي هجن ته اسان ڪمند جو اگهه 170 رپيا مڻ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اڳ ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ قيمت 152 رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته آبادگار چاهين ٿا ته اها قيمت 182 رپيا مڻ هجڻ گهرجي شوگر ملز مالڪ چاهين ٿا ته جيڪڏهن ڪمند جو اگهه وڌائڻو آهي ته ان شرح سان کنڊ جي قيمت به وڌائي وڃي. شوگر مل مالڪن پنهنجي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته خرچ وڌيڪ آهن، جڏهن ته کنڊ جي قيمت گهٽ آهي، جنهن سان شوگر ملن جو ڏيوالو نڪري سگهي ٿو. نقصان مٿان نقصان ته نه ٿا کڻي سگهون. ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کنڊ ملڪ کان ٻاهر به نه پئي اماڻي وڃي، ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي جي قيمت وڌائڻ جا حڪم ڏنا وڃن. جسٽس ميان ثاقب نثار ريماڪس ۾ چيو ته آئين ۽ قانون موجب آبادگارن سميت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. آبادگارن سميت ڪنهن جو نقصان نه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي پر زرعي معاملن ۾ مناسب پاليسي نه هجڻ ڪري زمينون غيرآباد پيون آهن. عدالت ڌرين کان فيبروري جي ٻئي هفتي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. هن ڪيس ۾ 8 آئيني پٽيشنون داخل آهن. پٽيشن داخل ڪندڙن ۾ ميرپورخاص شوگر ملز، پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن، معا شوگر ملز، شيخو شوگر ملز، پاسما خلاف وفاقي حڪومت، عبدالقدوس مغل ۽ سنڌ آبادگار تحريڪ جو سينيئر نائب صدر ديوان آرو مل شامل آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي. هن ڪيس ۾ عبدالحفيظ پيرزادي، سالم سلام انصاري، شاهد ڪريم، مخدوم علي خان، علي ظفر، اشتر اوصاف علي، لطيف کوسو ۽ ٻيا سينيئر وڪيل پيش ٿي رهيا آهن، انهن اٺن مان هڪ پٽيشن 2015ع جي ۽ باقي 7 پٽيشنون 2009ع جون آهن، جن کي گڏائي ٻڌو پيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *