ڪشمير جو مسئلو ۽ پاڪستان جو جرئتمندانه موقف

وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري تي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ  زور ڏيندي چيو آهي ته ڪشميري عوام هاڻي به پنهنجي حق خود اراديت جي واعدي جي تڪميل جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪشمير جو پراڻو تڪرار حل ڪرڻ  عالمي برادري  جي ذميواري آهي جيستائين عوام جي خواهشن مطابق اهو مسئلو حل نٿو ٿئي. پاڪستان مذاڪرات جي ذريعي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، وزيراعظم اهو به واضح ڪيو ته سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن ۾ واڌارو نه ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران ڪشميرمسئلي جو جنهن جرئت ۽ بهادري سان ذڪر ڪيو آهي، ان تي سموري پاڪستاني قوم کي فخر آهي. ڀارت جو ڪشمير سميت ٻين مسئلن بابت ڳالهين کان انڪار ۽ پاڪستان دشمني هاڻي ڪو لڪل باب نه رهيو آهي، ان ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻي سمورا تڪراري مسئلا اقوام متحده ذريعي عالمي برادري هٿان حل ٿيڻ گهرجن، جن ۾ ڪشمير مسئلو سرفهرست هئڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ پاڻي جي ورهاست سميت ٻين سمورن تڪراري مسئلن جو حل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪو به اهڙو سنگين مسئلو باقي نه رهي جيڪو اڳتي هلي ڪنهن نئين جنگ جو سبب بڻجي، پاڪستان ۽ ڀارت جو وجود هڪ ملڪ هندستان جي ورهاڱي ذريعي عمل ۾ آيو ۽ ان وقت پاڪستان جي حصي ۾ هٿ ٺوڪيا مسئلا آيا، جن ۾ گڏيل هندستان جي خزاني مان پاڪستان کي پنهنجو حصو ۽ ٻيا اثاثا نه ملڻ، پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ رياستن حيدرآباد(دکن) ۽ جونا ڳڙهه کي طاقت جي زور تي ٻيهر ڀارت ۾ شامل ڪري پناهگيرن جو مسئلو پيدا ڪرڻ ۽ پنجاب جي غير منصفاڻه ورهاست سبب ڪشمير جو لنگهه پاڪستان بدران ڀارت کي ملڻ اهڙيون زيادتيون هيون، جن جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي.مقصد اهو هوته اسلام جي نالي ورتل مملڪت کي ايترن ته مسئلن ۾ وڪوڙيو وڃي جو مجبو رٿي ان کي ٻيهر ڀارت ۾ شامل ٿيڻو پوي، پر الحمدالله هيءُ ملڪ الله پاڪ جي تائيد سان 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيو، ان ڪري قائم رهيو ۽ انشاءَالله هميشه قائم رهندو، البته ان جا ٻاهريان ۽ اندريان دشمن ختم ٿي ويندا. اهو مسئلن ۾ گهيريل پاڪستان وقت سان گڏ ترقي ڪندو رهيو ۽ اڄ دنيا جي واحد اسلامي ايٽمي طاقت جو درجو رکي ٿو. ان دوران ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڪوشش 1948ع ۾ خود ڪشميري عوام ناڪام بڻائي جنهن بعد پاڪستاني حصي ۾ آزاد ڪشمير ۽ ڀارتي حصي ۾ والاريل ڪشمير جي نالي سان ٻه ٽڪرا آيا. 1948ع ۾ ڪشميري عوام جي شروع ڪيل مزاحمتي جنگ دوران اقوام متحده ثالثي جو ڪردار ادا ڪري ڪشمير جي عوام کي پنهنجي راءِ ذريعي پاڪستان يا ڀارت ۾ شامل ٿيڻ جوحق ڏنو هو ۽ گڏيل قومن جي اداري تي اعتبار ڪندي ڪشميري عوام اها جنگ بندي ڪئي هئي، ان ڪري اقوام متحده جي اها اخلاقي ۽ قانوني ذميواري بڻجي ٿي ته ڪشميري عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو وڃِي ۽ کين پنهنجي مرضيءَ مطابق مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي. برطانيه به ڪشميري عوام جو ڏوهاري آهي، جنهن پنجاب جو گرد اسپور ضلعو ڀارت جي حوالي ڪري هندستاني فوج کي ڪشمير ۾ جارحيت جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ان هڪ غلطي  سبب لکين ڪشميرين جي ڀارتي فوج هٿان خون ناحق وهڻ لاءِ به برطانوي حڪمران ئي ذميوار آهن، جيڪي اڄ سوڌو ان اڻ نبريل مسئلي کي نبيرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن.

ڀارت جي موجوده قيادت مسلمان ۽ پاڪستان دشمني ۾ مشهور آهي، ان کي ڪشمير بابت پاڪستان جو تازه ترين موقف معلوم ٿي چڪو آهي، جيڪو انتهائي جرئتمندانه ۽ پاڪستاني قوم جي سوچ جو عڪاس آهي، گڏوگڏ وزيراعظم نواز شريف طرفان سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽ نه وڌائڻ جو مطالبو به ڀارتي حڪمرانن جي خوابن کي چڪناچور ڪرڻ جي برابر آهي. جيڪي عالمي اداري ۾ ويٽو پاور بڻجڻ خواهشمند هئا، ان سان گڏ وزيراعظم محمد نواز شريف جي ملڪ سان محبت ۽ ڀارت خلاف اصولي موقف به قوم آڏو اچي ويو آهي، جيڪو هن کان اڳ هٿ وٺي شڪ شبهن جو شڪار بڻايو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *