ڪرپشن خلاف کڄندڙ قدم ۽ سياسي وايو منڊل…..

پاڪستان اندر دهشتگردي جو مسئلو گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ اها پاليسي جنهن جي ڪري دهشتگرديءَ هن ملڪ جي اندر پاڙون پختيون ڪيون، تنهن پاليسيءَ جو ئي نتيجو آهي جو اسان جي سماج ۾ ڪرپشن جا بنياد پيا. ملڪ اندر خاص ڪري 16 ڊسمبر 2014 تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاليسيءَ يوٽرن ورتو ۽ سياسي ۽ فوجي قيادت متفقه طور دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ21 نقاطي قومي ايڪشن پلان منظور ڪيو جنهن کانپوءِ قبيلائي علائقن کان وٺي ڪراچي تائين ڪارروايون نه رڳو ٿيون، پر اڃا به ٿي رهيون آهن ۽ ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ امن به ٿيو آهي ۽ اهي ڪارروايون اڃا به جاري آهن. قومي ايڪشن پلان تحت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مينڊيٽ ته دهشتگردي خلاف ڪارروائيءَ جو مليل هو، پر هاڻي اهي ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائين کان اڳتي وڌي ڪرپشن خلاف ڪارروائين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن جن جو سڀني کان وڌيڪ تَئُه سنڌ محسوس ڪري رهي آهي. سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ ۽ پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري تي پيپلز پارٽيءَ شديد ردعمل ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ته ان کي سنڌ تي حملو قرار ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر وفاق توڙي صوبن ۾ چونڊيل حڪومتون قائم آهن ۽ سمورا ادارا به انهن چونڊيل حڪومتن جي ماتحت آهن، پر هي جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن تن ۾ ظاهر ظهور محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومتن کي ٻڌائڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ بنائي سڀ ڪجهه رهيو آهي. جنهن مان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر جمهوريت پنهنجا پير ڪيترا پختا ڪيا آهن ؟ دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف ڪارروايون ٿيڻ کپن ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي ٻي راءِ ٿي نه ٿي سگهي پر هن هيڏي معاملي ۾ جيڪڏهن چونڊيل حڪومتن کي بي علم رکيو ويندو ته پوءِ سوال ضرور اٿندا. ملڪ اندر جيڪو ماحول جڙيو آهي يا جڙي رهيو آهي تنهن کي ڪنهن به نموني جمهوري نظام لاءِ سازگار نٿو چئي سگهجي. گڏوگڏ سياسي جماعتن خاص ڪري اهي جماعتون جن جون مختلف صوبن ۾ حڪومتون آهن، تن تي به بنيادي ذميواري اچي ٿي ته اهي بغير ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرپشن خلاف نه رڳو ڪارروائي ڪن پر حڪمرانيءَ جو به اهڙو مثال قائم ڪن جو لڳي ته اهي واقعي ڊليور به ڪري رهيون آهن، عوام لاءِ به ڪجهه ڪري رهيون آهن. چونڊيل حڪومتون هوندي جيڪڏهن ڪرپشن عروج تي هوندي، عوام جا صحت، تعليم، روڊ، رستي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا بنيادي مسئلا به حل نه ٿيندا ته پوءِ اهي سماج ۾ بيچيني پکڙجڻ فطري آهي ۽ ان بيچينيءَ کي محسوس ڪندي ئي جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن سي به ٿينديون رهنديون. سو چوڻ جو مطلب ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون ته بغير ڪنهن رک رکاءَ جي جاري رهڻ کپن ڇو ته ڏوهاري ۽ دهشتگرد جو ڪوبه دين مذهب ۽ جماعت نه ٿيندي آهي. تهڙي طرح ڪرپشن به اڏهيءَ وانگر اسان جي سماج کي کائي رهي آهي پر ڪرپشن خلاف ڪارروائيءَ جو مينڊيٽ آئين ۽ قانون تحت جن ادارن يا اختيارين کي آهي تن کي ئي اڳتي وڌي ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪرڻ کپي پر جيڪڏهن اهڙو مينڊيٽ نه رکندڙ ادارا ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪندا ته پوءِ ان سان ادارن ۾ ٽڪراءَ جنم وٺندو جيڪو ڪنهن به طور ملڪ ۽ سماج لاءِ فائديمند نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *