ڪراچي ۾ ڏوهارين جو راڄ

 

گذريل رات دير سان ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني 2 نمبر عيد گاهه واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي پنهنجي محافظ شهزاد سميت شديد زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال نيئندي دم ڏنو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي انچارج هيو.ڊي ايس پي ذوالفقار مڪا فاسٽ فوڊ تي ويٺل هيو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ڊي ايس پي جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  ٻئي طرف سينٽرل ضلعي جي پاپوش واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪلينڪ ۾ داخل ٿي شيعا ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ٿي وئي 55سالن جي مقتول ڊاڪٽر سيد انور علي شاهه عابدي ولد امام علي شاهه عابدي جو لاش اسپتال اماڻيو ويو جتي مقتول جا عزيز ۽ شيعا تنظيمن سان واسطو رکندڙ وڏي تعداد ۾ پهچي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس وارڌات واري هنڌ پهتي ۽ نائن ايم ايم پسٽل جا خول هٿ ڪيا، ان ڏس ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتول سيڪٽر 5 ڊي پاپوش نگر جو رهواسي هو ۽ سندس گهر جي هيٺ ئي عابدي ڪلينڪ جي نالي سان سندس دواخانو آهي جنهن ۾ معمول موجب مريضن جي چڪاس ڪري رهيو هو انهي دوران موٽرسائيڪل تي ٻه ملزم آيا جن مان هڪ ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر کي ٽارگيٽ ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٻه گوليون لڳيون ۽ هن ٿڏي تي دم ڏنو. پوليس موجب بظاهر واقعو فرقيوار دهشت گردي جي ڪڙي لڳي ٿو، ان ڏس ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، مقتول جو لاش اسپتال کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس پاپوش ننگر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪلفٽن انڊر پاس وٽ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن ڪلفٽن ٿاڻي جي حوالدار اعجاز حسين کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب ڪراچي ۾ شهيد ڪيل ڊي ايس پي ذوالفقار علي شاهه جي قتل جو نوٽيس وٺندي جلد قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعظم نواز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائگان نه وينديون. هن چيو ته شهر ۾ اهلڪارن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. وزير اعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيون، ان لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هوڏانهن  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ڪراچي ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار علي شاهه زيدي جي قتل جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ هُن ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه زيدي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون رائگان نه وينديون، آءِ جي ذوالفقار زيدي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو، ٽارگيٽڊ آپريشن منطقي انجام تائين پهچڻ تائين جاري رکيو ويندو. هن چيو ته شهر مان داهشتگردن جو صفايو ڪيو ويندو. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه جي قتل جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي سنڌ کي اڄ واقعي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس چيو ته ايڊيشنل آءِ جي پوليس واقعي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪري. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته جنهن وقت ڊي ايس پي ذوالفقار شاهه کي قتل ڪيو ويو ان وقت علائقي ۾ بجلي ڪانه هئي، هن چيو ته شروعاتي طور خبر پئي آهي ته ڊي ايس پي تي ٻن ڄڻن فائرنگ ڪئي، سندس چوڻ هو ته شهادتن سان اسان جا حوصلا نه هاربا، ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *