ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي ملازمن تي گوليون ڪنهن هلايون……؟

ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ٻاهران سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ملازم وڏي انگ ۾  گڏ ٿيا، جتان ملازم ريلي جي صورت ۾ جناح ٽرمينل ڏانهن روانا ٿيا. اولڊ ٽرمينل تي پهچڻ کانپوءِ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ملازمن ايئرپورٽ جي گيٽ نمبر 3 مان گذرڻ وقت پوليس ۽ رينجرز مٿن شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. شيلنگ سبب ريلي ۾ شريڪ ڪجهه عورتون بيهوش ٿي ويون. پوليس طرفان شيلنگ کانپوءِ احتجاج ڪندڙ ملازم ڪجهه دير ڇڙوڇڙ ٿي ويا پر بعد ۾ هـُنن ٻيهر جناح ٽرمينل ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران گوليون لڳڻ ۽ لٺبازيءَ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. فائرنگ ۽ لٺبازي ۾ زخمي ٿيل 7 ڄڻا جناح اسپتال آندا ويا. هڪ زخمي کي پيٽ ۽ ٻئي کي ٻانهن ۾ گولي لڳي، ايم ايل رپورٽ جن ۾ ڊان نيوز جو ڪيمرامين شفيق دلشاد ۽ ٻيا شامل آهن. خانگي اسپتال ۾ داخل زخمي ٿيل پي آءِ اي ملازم عنايت رضا ۽ جناح اسپتال ۾ داخل سليم اڪبر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻين زخمين ۾ خانگي ٽي وي جو ڪئمرامين شفيق دلشاد، هاشم رضا، زبير، ارشد حسين جعفري، رفيق حسن، فيصل ۽ رضوان تبسم شامل آهن. فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ جناح اسپتال جي ميڊيڪو ليگل شعبي پاران  جاري ڪئي وئي آهي. ايم ايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عنايت رضا کي سيني ۾ گولي لڳي، جڏهن ته سليم اڪبر کي پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عنايت رضا کي مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو. جڏهن ته سليم اڪبر کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو ملازمن طرفان احتجاج ۾ شدت اچڻ کانپوءِ ڪراچي ايئرپورٽ کان ٻين شهرن توڙي پرڏيهه ويندڙ ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيون ويون. شهر ۾ پي آءِ اي جون سموريون بڪنگ آفيسون بند رهيون.  جڏهن ته ايئرپورٽ تي قائم ڪائونٽر تي به عملو موجود نه هو.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سهيل بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي آءِ اي جا سمورا آپريشن بند رهندا، سمورن ملازمن جي هڪ ڏينهن جي هڪ ڏينهن جي پگهار گڏ ڪئي پئي وڃي، جيڪا احتجاج دوران مارجي ويل ملازمن جي وارثن کي ڏني ويندي، سهيل بلوچ  فائرنگ جو رينجرز تي الزام هڻندي چيو ته ملازمن جي مارجڻ واري واقعي جو رينجرز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ملازم پـُرامن احتجاج ڪري رهيا هئا،پر مٿن بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو جڏهن ته فائرنگ ۾ سندن 3 ملازم شهيد ٿيا آهن ۽ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪنداسين، انساني حقن ۽ سياسي تنظيمن کي به اسان پنهنجي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏينداسين، سهيل بلوچ چيو ته اسان ڀارت مان نه آيا هئاسين جو هوائي اڏي تي قبضو ڪري وٺون ها، اسان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آيا هئاسين، ڪير به هوائي اڏي تي قبضو ڪرڻ نه وڃي رهيو هو گوليون هلائيندڙ يونيفارم ۾ هئا ۽ کين ماسڪ پاتل هئا،

رينجرز ترجمان پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته رينجرز اهلڪارن طرفان فائرنگ ناهي ڪئي وئي. ڊي آءِ جي ايسٽ ڪامران فضل جو چوڻ آهي ته فائرنگ پوليس ناهي ڪئي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *