ڪراچي ۽حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون جوڙڻ جو اعلان

ملڪ جي نامياري بلڊر ملڪ رياض اعلان ڪيو آهي ته اهو الطاف حسين جي نالي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون قائم ڪندو. هن اهو اعلان ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر نائين زيرو جو دورو ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ان اعلان کان پوءِ الطاف حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا، جنهن جي چوڻ تي ملڪ رياض ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جو عو ام يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي سدائين آجيان ڪندو رهيو آهي، ليڪن حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري سوال تي به سنڌ جي عوام جو واضح موقف ر هيو آهي ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ته ٺهڻ گهرجي پر اها يونيورسٽي نسلي بنياد تي نه ٺهڻ گهرجي، اهو ئي سبب هو جو ايم ڪيو ايم پاڻ ئي کنڌو وجهي اها ئي گهر ڪندي رهندي هئي ته اها يونيورسٽي حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ اڪثريتي علائقي ۾ ٺهڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌي ماڻهن جو موقف هو ته اها يونيورسٽي ڪنهن اهڙي علائقي ۾ ٺهڻ گهرجي، جيڪو گڏيل آبادي تي مشتمل هجي ۽ ان يونيورسٽي ۾ سڀيئي شاگرد تعليم حاصل ڪن.

حيدرآباد يونيورسٽي جو تڪراري ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو، حيدرآباد ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڏينهون ڏينهن حامي ٿيندا نظر آيا ته ٻئي طرف سنڌي ماڻهو اهڙي يونيورسٽي جي قيام تي پنهنجا خدشا پيش ڪندي اهو ئي چوندا رهيا ته نسلي بنيادن تي جيڪڏهن يونيورسٽي قائم ٿي ته پوءِ سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن ۾ جيڪا ويجهڙائپ وڌي رهي آهي ۽ نفرتن جو خاتمو ٿي رهيو آهي، ان کي سخت ڌڪ لڳندو ۽ سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ وٿي اڃا به وڌي ويندي نه رڳو اها وٿي حيدرآباد شهر تائين محسوس ٿيندي پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ نوجوان شهري يونيورسٽي ۾ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کي ترجيح ڏيندا، جنهن کانپوءِ ڄڻ ته سنڌ تصوراتي طور تي عملن ٻن حصن ۾ ائين ورهائجي ويندي جيئن ڏکڻ افريقا ۾ ڪارن ماڻهن لاءِ روڊ رستا، پارڪ، هوٽلون گورن ماڻهن کان ڌار هونديون هيون. جيئن ته ملڪ رياض حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا گهڻا معاملا طئي ٿيڻا آهن يا سامهون اچڻا آهن. مثال طور اها يونيورسٽي سرڪاري هوندي يا پرائيويٽ هوندي، جيڪڏهن اها پرائيويٽ هوندي ته پوءِ ان جون فيون سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ هونديون، جيڪڏهن اها يونيورسٽي نجي سيڪٽر ۾ هوندي ته پوءِ نئين قائم ٿيندڙ يونيورسٽي مان رڳو اشرافيا جي اولاد کي ئي تعليم حاصل ٿي سگهندي، يعني الطاف يونيورسٽي ۾ اميرن جا ٻار ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريبن جا ٻار تعليم حاصل ڪندا ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ حيدرآباد ۾”بابو ڪلاس“ پيدا ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿي ويندا ۽ اهو بابو ڪلاس اڳتي هلي جيڪي رنگ ڏيکاريندو اهو به ڏسڻ جهڙو هوندو.

بهرحال هاڻ جڏهن ان يونيورسٽي جو اعلان ٿي چڪو آهي، تڏهن حيدرآباد۾ اڳوڻي ضلعي ناظم ڪنور نويد پريس ڪانفرنس ڪندي ٻيهر آصف زرداري جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم کي ملي ته اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪنداسين. ايم ڪيو ايم جي اها دعوا ته سياسي دعوا ٿي سگهي ٿي، ليڪن زميني حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن چاهي ها ته اها حيدرآباد ۾ گهڻو اڳ ئي يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏي ها، چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت جي اها ڪوشش هوندي آهي ته عوام آڏو حساس نوعيت رکندڙ جيڪو به مسئلو هجي ان تي واويلا تمام گهڻي ڪجي ته جيئن ايم ڪيو ايم جا ووٽر ائين سمجهن ته ايم ڪيو ايم کي انهن جو وڏو درد آهي، ليڪن ايم ڪيو ايم سدائين مسئلن تي واويلا ڪئي آهي پر ان جي اها به ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي ڪنهن به صورت ۾ حل ٿيڻ نه ڏنو وڃي ته جيئن عوام واويلا ڪندو رهي ۽ انهن جي واويلا تي ايم ڪيو ايم رڳو پنهنجيون اکيون ڳاڙهيون ڪندو رهي.

ملڪ رياض الطاف جي نالي سان يونيورسٽي جو اعلان ڪري پنهنجو ڪامياب ڪاروباري پتو اڇلايو آهي، جيڪڏهن ملڪ رياض پنهنجي هائوسنگ اسڪيم لاءِ قاسم آباد واري علائقي وٽان زمين خريد ڪري ها ته ٿي سگهي ٿو ته انهي يونيورسٽي جو نالو قومپرست اڳواڻ يا آصف علي زرداري يا ڪنهن ٻي اهم شخصيت جي نالي تي هجي ها. ملڪ رياض پاران هائوسنگ اسڪيم جي سلسلي ۾ جنهن رٿا تي عمل شروع ڪرڻ جو ارادو آهي، ان رٿا سان حيدرآباد ۾ ڌارين جي آمد ۽ انهن پاران بنگلا ۽ فليٽ خريد ڪرڻ جي ڪري حيدرآباد جي آدمشماري جيڪا هن وقت سنڌين پاران وڏي انگ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڪثريت حاصل ڪري وئي آهي، پر هاڻ جڏهن ملڪ رياض جي هائوسنگ اسڪيم تي اڏاوتي ڪم شروع ٿيندو ته حيدرآباد جي آدمشماري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اٿل پٿل ٿيندي، جنهن سان ڪيترائي نسلي ۽ ثقافتي مسئلا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا.

بهرحال ملڪ رياض جي سنڌ کي ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ڪرڻ واري انهي عمل کي سنڌ جي عام حلقن پاران ڳڻتي جوڳين نظرن سان ڏٺو پيووڃي. ان موقعي تي اسان ملڪ رياض کي صلاح ڏينداسين ته اهو پنهنجي ڪاروبار کي ڪاروباري بنيادن تي هلائي ان کي سياست جي نظر ڪرڻ کان پاسو ڪري جيڪڏهن هن سياسي قدم کڻڻ شروع ڪيا ته پوءِ کيس ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سڄي نه رڳو ننڍن وڏن سياستدانن ٽانگا پارٽين ۽ پريشرگروپن سان ڀري پئي آهي، جنهن ڪري هاڻ هو ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن جي نالي تي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج جوڙيندو، ڪنهن کي خوش ڪندو ۽ ڪنهن کي ڪاوڙائيندو، تنهن جو به کيس ڌيان رکڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه وري به ياد رکڻ گهرجي ته هي سنڌ آهي ۽ سنڌ ۾ سياست ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *