ڪراچي م ملٽري پوليس تي حملو ۽ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جا هنگامي فيصلا

سنڌ جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبائي حڪومت ڪراچي جو ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو عزم ورجائيندي سنڌ پوليس اندر 8هزار نوان پوليس اهلڪار ڀرتي ۽ 2سئو نوان پراسيڪيوٽر مقرر ڪرڻ سميت  دهشت گردي جي انت واريون 30نيون عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهو دهشت گردي پکيڙي رهيا آهن. سنڌ سرڪار ۽ عسڪري قيادت دهشت گرد حملي ۾ ٻن فوجي اهلڪارن جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي الڳ الڳ  جاچ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل ڏينهن اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، ڪور ڪمانڊرنويد مختار، صوبائي وزيرن، دي جي رينجرس، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سميت انٽيلي جنس ادارن جي اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران دهشت گردي جو شڪار فوجي جوانن ۽ رينجرس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس دوران  ڊي جي رينجرس، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورت حال جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌي جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو ته اجلاس دوران فوج تي ٿيل تازي حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، واقعي جي جاچ پوليس ۽ فوج الڳ الڳ ڪنديون ۽ جلد واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ سنڌ سرڪار اهو عهد ڪيو آهي ته اها هر حال ۾ دهشت گردي پکيڙيندڙن جو مڪمل خاتمو آڻيندي ۽ ان حوالي سان اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ تيزي کانپوءِ دهشت گرد سنڌ جي ٻين شهرن ۾ لڪي رهيا آهن پر انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سندن پيڇو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *