ڪراچي لاءِ پيڪيج منظور….

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي شهر جي خوبصورتيءَ  مک روڊن جي مرمت ۽ ڪي ايم سي اسپتالن ۾ ضروري سهولتن ۽ آلات جي فراهميءَ لاءِ 1.977 بلين رپين واري اسپيشل ڪراچي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير خاص گرانٽ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ناڻي وارو سينئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، وقتي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ آصف حيدر شاهه شرڪت ڪئي. ڪمشنر ڪراچيءَ شهر ۾ خوبصورتيءَ، مرمت ۽ بحاليءَ وارن ڪمن لاءِ 1.977 بلين رپين جا منصوبا پيش ڪيا. شهر جي خوبصورتي، ترقياتي ڪمن ۽ ڪلفٽن، طارق روڊ ۽ پراڻي نيشنل هاءِ وارن روڊن جي مرمت لاءِ 1500 ملين رپيا خرچ ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي تعميراتي ۽ مرمتي ڪمن جي معيار جي خاص طور تي نگراني ڪن ۽ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. شهر جي خوبصورتي ۽ ڪجهه اهم روڊن جي مرمت لاءِ ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه سفارش ڪئي آهي، انهن مرمت ۽ تعمير ٿيندڙ روڊن ۾ ڪلفٽن، طارق روڊ، اولڊ نيشنل هاءِ وي شامل آهن.

وڏي وزير جي هدايت تي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه 300 ملين رپين جي اسپيشل گرانٽ فوري طور تي جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ اها گرانٽ گوليمار انڊر پاس جي جلد تڪميل لاءِ جاري ڪئي وئي . سنڌ جي وڏي وزير گوليمار انڊر پاس جي جلد کان جلد تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ماڻهن کي پيش ايندڙ ڏکيائين جو ازالو ٿي سگهي. هن ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو ڊپٽي ڪمشنرز کي مرمت ٿيندڙ روڊن ۽ تعميراتي ڪمن جي نگرانيءَ ڪرڻ لاءِ هدايت ڪري. مان پاڻ انهن ڪمن جي انسپيڪشن ڪندس.

سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي جي سفارش تي ڪراچي لاءِ 1977 ملين رپيا جاري ڪندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هُو رمضان المبارڪ کان اڳ ڪراچي کي صاف سٿرو شهر بڻائڻ لاءِ دستياب وسيلن مان ڀرپور طور تي فائدو حاصل ڪيو وڃي. موجوده سنڌ حڪومت صوبي جي عوام لاءِ زندگيءَ جون سموريون سهولتون کين در تائين پهچائڻ جو ازم ڪيو آهي. شهر جي مختلف اسپتالن لاءِ خاص گرانٽ طور 177 ملين رپيا جاري ڪيا ويا، عباسي شهيد اسپتال ۾ به دوائن ۽ طبي آلات جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

سنڌ سرڪار کي اپيل آهي ته پئڪيج  ته اڳ به منظور ٿيندا رهيا آهن ۽ رقم به جاري ٿيندي رهي پر شهر جو حال  ساڳيو رهيو آهي ان ڪري سرڪار سڳوري کي گذارش آهي ته نشاندهي ڪيل مسئلن تي ڪجهه خرچ ڪيو وڃي جئين عوام کي به سهولتون ملي سگهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *