ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو

 

وفاقي ڪابينا ۾ ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڀارت خلاف عالمي سطح تي سفارتڪاري تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آپريشن ۾ ڪا به سياسي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، ڪراچي آپريشن تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽيو ويندو، جڏهن اهڙو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ڪيو ويو. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ڪابينا جي اجلاس کي ڀارت سان تازين ڳالهين ۾ تعطل بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي کانسواءِ ڪو به ڳالهين وارو عمل بيڪار هوندو. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ ٽين ڌر نه پر مسئلي جي اهم ڌر آهن جن جي راءِ ۽ مشاورت کانسواءِ مستقبل جو ڪو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ کانپوءِ چيو ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي پوري طرح عملدرآمد جو پڪوپهه ڪيو آهي ڇو ته ان جا فائدا ملڪ جي هر ڪنڊ تائين پهچندا. هن چيو ته جيڪي عنصر فرقيواريت ۾ ملوث آهن انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ نفرت پکيڙيندڙن، شدت پسندي تي اتساهيندڙن ۽ دهشتگردي جي حوصلا افزائي ڪندڙن کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرد ماڻهن جي جانين ۽ انسانيت سان کيڏن ٿا جيڪي ناقابل معافي ڏوهه ڪري رهيا آهن جن کي معاف نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن سمورين ڌرين جي اتفاق راءِ سان شروع ڪيو ويو آهي ۽  آپريشن جا نتيجا واضح آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ شهري امن چاهين ٿا ۽ حڪومت ڪراچي ۾ امن ۽ روايتي ڀائيچاري جي بحالي جي راهه ۾ ڪنهن سياسي مصلحت کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيندي. هن چيو ته جيستائين ڪراچي آپريشن جو تعلق آهي اسان هڪ قدم به پٺتي هٽڻ جو تصور نه ٿا ڪري سگهون ۽ جن ميمبرن جي عوامي مينڊيٽ سان پارليامينٽ ۾ نمائندگي آهي، انهن کي عوام جا مسئلا ۽ معاملا انهي فلور تي کڻڻ گهرجن. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ڪراچي جي عوام کي امن ۽ سلامتي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. وزيراعظم گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته پوري معاشري کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ڇو ته ڪا به جمهوري حڪومت هٿياربند گروپن کي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي. هن ڪابينا کي ٻڌايو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان جو سهرو اسان جي هٿياربند فوج ۽ سويلين ادارن ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري پڻ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين کي ساراهيو آهي ان سلسلي ۾ وزيراعظم هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيو. هن آپريشن جي قيادت تي فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي ۽ انشاءَ الله اهو عمل امن قائم ڪرڻ جو عمل فاٽا کان بلوچستان ۽ شهر قائد ۾ خوشحالي اچڻ تائين جاري رهندو. وزيراعظم سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اردو ٻولي جي استعمال جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عملدرآمد جي جائزي لاءِ ڪابينا جي 5 رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪميٽي جو چيئرمين هوندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، هائوسنگ وارو وفاقي وزير اڪرم دراني، قومي معاملن وارو خصوصي معاون عرفان صديقي ۽ ڪابينا معاملن بابت خصوصي معاون بيريسٽر ظفرالله شامل آهن. ڪميٽي اردو کي سرڪاري طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻندي. ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪابينا کي نيشنل ايڪشن پلان تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته 20 هزار کان وڌيڪ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ساڍا  ٽي هزار دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، 30 شڪي مدرسن کي نيشنل ايڪشن پلان تحت بند ڪيو ويو ۽ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ 124 بئنڪ اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن، ڳجهن ادارن 58 هزار انٽيليجنس بيس آپريشن ڪيا. هن چيو ته هيستائين 79 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويا آهن. هن چيو ته حڪومت پلان جي اهم نقطن ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي ۽ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن سان صورتحال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي. هن ڪابينا ميمبرن کي يقين ڏياريو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ڪنهن ڏوهاري شخص يا دهشتگرد گروپ کي نه ڇڏيو ويندو. گهرو وزير چيو ته ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ڪنهن کي به ڏوهارين خلاف آپريشن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪابينا مختلف ايجنڊا ائٽمز جو جائزو ورتو ۽ انهن جي منظوري ڏني جڏهن ته اجلاس ۾ اٽڪ خودڪش حملي جي شهيدن جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه پڙهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي لاءِ شهيد ڪرنل (ر) شجاع خانزاده کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شجاع خانزاده جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پنجاب جي صوبائي گهرو وزير جي حيثيت سان ڪردار کي سنهري لفظن ۾ ساراهيو جنهن شدت پسندي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *