ڪراچي آپريشن تي سياسي ۽ عسڪري قيادت جا فيصلا

گذريل ڏينهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، دفاع واري وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار،  سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، انٽيليجنس ادارن جي سربراهن سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشت گردي جي خاتمي لاءِ هڪ پيج تي،  ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي سياسي ۽ عسڪري قيادت چيو آهي ته ڪراچي آپريشن ۽ امن امان جي بحالي ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ آپريشن کي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪراچي ۾ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشن ۾ سنڌ رينجرز خدمتون سرانجام ڏيندي رهندي ۽ آپريشن اختيارن جي تحت ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاررواين کي جاري رکيو ويندو. وزيراعظم نواز شريف سڪيورٽي ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته جي آءِ ٽيز ۾ جن جوابدارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪي عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ سميت دهشتگردن جا معاون، سهولتڪار ۽ مالي مددگار آهن، انهن عنصرن جي سرپرستي ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ پراسيڪيوشن جي حوالي سان جيڪي تجويزون ۽ فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن تي عملدرآمد ۾ تيزي آندي وڃي، گرفتار دهشتگردن خلاف ڪيسن جا چالان قانوني گهرجون پورو ٿيڻ بعد عدالتن ۾ پيش ڪيا وڃن ته جيئن عدالتون جوابدارن خلاف قانون موجب فيصلو ڏين. وزيراعظم جاچ ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ غلفت ڪندڙ آفيسرن کي عهدن تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن کي هر ممڪن وسيلا ۽ معاونت فراهم ڪندي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق، عسڪري قيادت، سڪيورٽي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون متحد آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.جنهن تي  وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته رينجرز جي ڪاررواين سان شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ڪراچي ۾ بنا ڪنهن فرق جي آپريشن جاري آهي، دهشتگردي جي انت واري عدالتن ۾ 2668 ڪيس هلي رهيا آهن، جن مان گذريل مهيني 66 ڪيسن جو فيصلو ٿيو، 30 کي سزا ٿي ۽ باقي بري ٿي ويا. آءِ جي سنڌ اهو به ٻڌايو ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ ملٽري پوليس جي اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جاچ ۽ پراسيڪيوشن جي نظام ۾ ڪمزورين تي افسوس جو اظهار ڪندي ۽ ان کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *