ڪاپر ڪلچر……………..

سنڌ جي تعليم جي اها صورتحال آهي ته استاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن، شاگرد پڙهڻ لاءِ تيار ناهن، والدين اسڪول ۽ ڪاليج ۾ اولاد جي تعليم بابت حال احوال نه ٿا وٺن، سرڪار تعليم کي مال ميڙڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي تعليمي آفيسر صرف ڏوڪڙ ڇاپڻ جي مشينن وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان سڄي عمل ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ ڏوهاري آهي. سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ جيڪي اعليٰ عملدار رکيل آهن. اهي ماهوار ڪروڙين رپيا گڏ ڪري مٿي پهچائي پنهنجي سيٽ پڪي ڪيو ويٺا آهن. هاڻي ته سنڌ ۾ امتحاني بورڊن جي اها حالت وڃي رهي آهي ته ڪو ٻار امتحان ۾ نه به ويهي ته اهو مقرر رشوت ڏئي مرضي آهر نتيجو حاصل ڪري سگهي ٿو. اها صورتحال ڪراچيءَ کان ويندي لاڙڪاڻي تائين جاري آهي. ان سڄي صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سرڪار ترت اک کولي سنڌ جي تعليمي ماهرن جي هڪ اعليٰ سطحي ٽيم جوڙي، جيڪا ٻين ملڪن ۽ صوبن جا دورا ڪري اُتان جي تجربن جي آڌار تي سنڌ جي امتحاني سرشتي تي غور ڪري. هن وقت جيڪو امتحاني سرشتو رائج آهي، ان سان اسان وٽ سٺا شاگرد نه ٿا پيدا ٿي سگهن، ان سرشتي کي تبديل ڪري نئون امتحاني نظام لاڳو ڪيو وڃي. سڄي دنيا ۾ امتحاني سرشتو تبديل ٿيندو رهندو آهي، پر اسان وٽ سالن کان ساڳيو سرشتو لاڳو آهي. سنڌ ۾ عثمان علي عيساڻي، نثار صديقي، ڪئپٽن (ر) يوسف شيخ جهڙا کوڙ تعليمي ماهر موجود آهن. جن جي مدد سان سنڌ ۾ ڪاپيءَ کان پاڪ نئون امتحاني نظام لاڳو ڪري سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ اک نه پٽي ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر سنڌ ۾ ڪو به شاگرد ڊاڪٽر ۽  انجنيئر ٿيڻ لاءِ انٽرنس ٽيسٽ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. ٻئي پاسي ڪاپيءَ جي وبا سبب سنڌ جي تعليمي شرح ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. جنهن جي ڪري مرڪزي سطح تي ٿيندڙ چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن ۾ ٻين صوبن جا اميدار سمورين سيٽن تي ڪامياب ٿي وڃن ٿا، پر سنڌ جي ڪوٽا سالن کان ڀرجڻ کان رهجي وڃي ٿي. تعليم جهڙي انتهائي اهم معاملي تي اسان اک نه پٽي ته ان جا نتيجا انتهائي هاڃيڪار نڪرندا. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته والدين پنهنجي ٻارن لاءِ ڪاپيءَ ۾ مددگار ٿيڻ بدران رڪاوٽ بڻجن، استاد پنهنجي ذميواري محسوس ڪري نه رڳو سڄو سال پڙهائين، پر امتحانن وارن ڏينهن ۾ ڪاپيءَ جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سرڪار جي اها ذميواري آهي ته اها امتحاني بورڊن جي سمورن بدعنوان عملدارن کي برطرف ڪري، بنا ڪنهن سياسي دٻاءَ جي ميرٽ تي سٺا حاضر سروس عملدار مقرر ڪري. سماجي طور اها اسان سڀني جي به ذميواري آهي ته تعليم بابت اها سوچ تبديل ڪريون ته اهو ڪم سرڪار جو آهي. سرڪار کي به پنهنجي ذميواريءَ جو احساس ڪرڻ گهرجي ته سنڌ مان جهالت جي خاتمي لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته شاگردن کي جديد بنيادن تي تعليم فراهم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *