ڪاري آنڌي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ورلڊ چيمپئن بڻجي وئي آهي. ڀارتي شهر ڪلڪتي  ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 155 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز جي ٽيم آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز جي بريٿ ويٽ آخري اوور جي چئن بالن تي چار ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ميچ لاءِ ٽاس ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڊيرن سمي کٽيو ۽ پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ جي بيٽنگ جي شروعات سٺي نه هئي. انگلينڊ جو پهريون بيٽسمين ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو. انگلينڊ پاران رُوٽ سڀ کان وڌيڪ 54 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بٽلر 36، ويلي 21 رنسن سان نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز جي بالرن ۾ ڊين براوو ۽ بريٿ وايٽ 3_3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته بيدري 2، اينڊريو رسل 1 وڪيٽ ورتي. بعد ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم بيٽنگ لاءِ آئي ته   انگلينڊ جيان ويسٽ انڊيز جي شروعات به خراب ٿي، ويسٽ انڊيز جي پهرين وڪيٽ صرف هڪ رنس تي ڪري پئي 11رنسن تي ويسٽ انڊيز جون 2 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون ڪرس گيل ۽ هيلس  آئوٽ ٿيا. ڪرس گيل 4 رنسون ٺاهيون،  چارلس هڪ، سائمنس ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. بعد ۾ براوو ۽ سيموئلز ٽيم کي سنڀالي ورتو. ڊين براوو 25 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ آندري رسل به 1 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽  ڪپتان ڊيرن سمي 2 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ دوران لاها چاڙها ايندا رهيا. آخري اوور ۾ ويسٽ انڊيز کي 19 رنسونگھربل هيون ۽ هڪ لمحي لاءِ لڳي رهيو هو ته ويسٽ انڊيز هي فائنل ميچ هارائي ويندو پر بريٿ ويٽ آخري اوور جي شروعاتي چئن بالن تي چار ڇڪا هڻي انگلينڊ جي بالر اسٽوڪس کي رت جا ڳوڙها رئاري ڇڏيا. بريٿ 10 بالن تي 34 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي سيموئلز شاندار بيٽنگ ڪئي. جنهن 85 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. انگلينڊ پاران ويلي 3 وڪيٽون ورتيون، روٽ 2 ۽ راشد هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *