کينجهو ڀرسان لڄالٽ بعد ساڙي ماريل نينگري سان انصاف ڪير ڪندو…؟

 

ڏهرڪي جي علائقي کينجهو ڀرسان لڄالٽ بعد ساڙي ماريل نينگري جي نه رڳو پونئرن سان انصاف ٿي سگهيو آهي پر زخمي امڙ جي به ڪنهن سار ناهي لڌي، انتظاميه جي ملي ڀڳت چئجي يا وري روايتي لاپرواهي جو جوابدار پڪڙ کان آجا آهن ۽ اطلاع آهن ته اهي پوليس جي سُستي جو ناجائز فائدو وٺندي پنجاب فرار ٿي ويا آهن.واقعو ته هڪ مهينو پهريان پيش آيو پر ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ وڏو اشو بڻيو، وس وارن جي دل تي ضرب لڳي يا نه پر سنڌ جا عام ماڻهو ۽ سڄاڻ حلقا هن دردناڪ واقعي تي هن وقت تائين افسرده آهن ۽ گڏوگڏ اچرج ۾ به آهن ته وحشت ناڪ واقعي کانپوءِ آخر ڇو متاثر خاندان کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ويو آهي.ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو سرڪاري نمائندا،علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ ٻيا سياستدان فوري طور تي متاثر خاندان وٽ پهچي انهن جي واهر ڪن ها ۽ گڏوگڏ پوليس تي به دٻاءُ رکيو وڃي ها ته بنا ڪنهن مصلحت جي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي هر صورت ۾ پڪڙ ۾ آندو وڃي، پر غريب هئڻ ڪري هن مظلوم خاندان کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي،اهڙو ڪير به ناهي جيڪو سندن زخمن تي پَها رکي.ڳوٺ مينهون مهر ۾ وحشت جو نشانو بڻيل الهوڌائي سولنگي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ بي يارو مددگار ۽ زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي رهي آهي، ان ڪري به ته مالي سگهه نه هئڻ ڪري سندس مناسب علاج ناهي ٿي سگهيو،حالانڪ جيڪڏهن سرڪار يا وري عورتن جي حقن جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪمائيندڙ اين جي اوز پاران الهوڌائي جي سار لڌي وڃي ها ۽ سٺي اسپتال ۾ داخل ڪري سندس علاج ڪرايو وڃي ته شايد سندس حياتي بچي سگهي ٿي، پر هينئر هوءَ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي، افسوس آهي ته ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ٽيم رڳو نالي ۾ جوڙي وئي آهي پر ان پنهنجو ڪم ناهي ڏيکاريو.ڊي ايس پي،3 ايس ايڇ اوز ۽ سي آءِ اي انچارج شامل هئڻ باوجود ڪا واضح پيش رفت ناهي ٿي سگهي، بلڪ پوليس اصل جوابدارن بدران واقعي کي”غنيمنت “سمجهندي ڪمائي جو ذريعو بڻايو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن کي ته پنجاب ڀڄڻ جو موقعو ڏنو ويو پر عام ماڻهن لاءِ رڻ ٻاريو ويو آهي، پوليس جي لاپرواهي جي نتيجي ۾ جوابدار پنجاب کسڪي ويا آهن ۽ شايد ان ئي بهاني کي بنياد بڻائي ڪيس کي به ڪمائي جو ذريعو سمجهيو پيو وڃي.ايس ايس پي پاران ايس ايڇ او کينجهو ۽ سي آءِ اي انچارج عهدن تان هٽائي لائين حاضر ڪرڻ وارو عمل پنهنجي جڳهه تي بهتر قدم آهي پر تعريف جوڳو قدم اهو هوندو جو جوابدار فرار ٿيڻ تي ذميوار ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ۽ پنجاب مان جوابدارن کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، گڏوگڏ الهوڌائي جي مالڪي به ڪئي وڃي ته جيئن سندس حياتي بچي سگهي.هي معاملو هاءِ پروفائيل آهي، تنهنڪري ان کي ان ئي نظر سان ڏٺو وڃي جنهن ضلعي ۾ هي واقعو پيش آيو آهي، واقعي به سرداري ضلعو آهي ۽ اتي سردارن توڙي سياسي شخصيتن ۽ ٻين بااثرن جوگهڻو حڪم هلي ٿو پر اميد آهي ته اهي سڀ مظلوم خاندان لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ناهن سگهيا ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ جوابدارن جي حق ۾ مداخلت نه ڪندا، اسين ضلعي انتظاميه کان اميد رکون ٿا ته اها ان سلسلي ۾ غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي ۽ گڏوگڏ سرڪار کي به اپيل آهي ته هن واقعي کي همدرداڻي بنياد تي ڏسي ۽ الهوڌائي جي زندگي بچائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *