ڏڪار سٽيل ماروئڙا ۽ حڪومت جي حڪمت عملي

ڄامشوري ضلعي جي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي 5يوسيز مول، تونگ، سري، ٿاڻو عارب خان، ٿاڻو بولا خان ۽ ٺٽي ضلعي جي 3 يوسيز جهمپير، جنگ شاهي، اونگر جي سوين ڳوٺن مان روزانو هزارين خاندان لڏي رهيا آهن. ڪوهستاني پٽي تي قهري ڏڪار ڪري ماڻهو پئيڻ جي پاڻي لاءِ انتهائي تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڏڪار سبب علائقو سوڪهڙي جي ور چڙهي چڪو آهي. ڏڪار ورتل ڪوهستان پٽي جا ماڻهو صاف پاڻي نه ملڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ ڪري مرد عورتن ٻارن ۾ وبائي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. علائقي ۾ بخار دست چمڙي پيٽ جون بيماريون ڦهلجي ويون آهن. ڪوهستان جي علائقي ۾ غذائي کوٽ به ٻارن عورتن مرد جي بيمارين جو سبب بڻجي وئي آهي. جنهن ڪري ويم دوران روزانو ڄمندڙ ٻار موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. ڪوهستاني  علائقي ۾ سائو گاهه ۽ چارو نه ملڻ ڪري چوپائي مال ۾ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ڪوهستان ۾ رهندڙ جهنگلي جيوت به بکن سبب مري رهي آهي، جنهن ۾ باياب نسل جا جهنگلي جانور گڊ، هرڻ، لومڙي ۽ گدڙ شامل آهن. ڏڪار جو اثر ڪوهستان جي علائقي ۾ڏڪارپوڻ کان مالوندن مارو جا سوين ڍور مري چڪا آهن. ڏڪاري علائقي ۾ ڪٿي به سرڪار سطح تي ايمرجنسي ميڊيڪل ۽ پاڻي جي ٽينڪرن جي اڃا تائين فراهمي شروع نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ڳوٺن ۾ پاڻي جا کوهه کارا ٿي ويا آهن. ڪوهستاني ماڻهو پئسن تي پاڻي خريد ڪن ٿا ماڻهو پاڻي لاءِ چوپايو مال وڪڻي ختم ڪري ڇڏيو آهي. وٽن پاڻي خريدڻ جي به سگهه نه رهي آهي. سنڌ حڪومت ڏڪاري علائقي ۾ اڃا تائين امدادي سرگرميون شروع نه ڪيون آهي. سرڪار پاران ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي لاءِ ڏنل خاص پئڪيج آر او پلانٽ منصوبن  جي اعلانن تي 4 مهينا گذرڻ جي باوجود عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري پاڻي لاءِ ڪوبه بندوبست ڪيو ويو آهي. هوڏانهن تعلقي ٿاڻي بولاخان جي عوام بدترين ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي باجود سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا اڃا تائين ڪوهستان جي واهر نه ڪئي آهي. ڏڪارورتل ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي 5 يو سيز جي 28 ديهن جي عوام لاءِ آيل امدادي ڪڻڪ هڪ ديهه ۾ به ورهائجي نه سگهي آهي. اهڙي ريت نوري آباد ڀرسان ٺٽي ضلعي جي ڳوٺن وڪيو جاکرو مانجهو پالاري لاسي پالاري گودڙ جاکرو اڃاڻي مڪان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست نه ڪئي وئي آهي.

ڏڪار ۽ بک وگهي مرندڙ چوپائي مال جي بچاءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران 5 ڪروڙ 50لک رپين جي خاص گرانٽ منظور ڪري سنڌ جي ناڻي کاتي کي پئسا جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون. پر اهڙين هدايتن تي ڪو به عمل ٿي نه سگهيو. انهن 5 ڪروڙ، 50 لک رپين مان سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي کي چوپائي مال لاءِ چارو، بوسو ۽ ٻي کاڌ خوراڪ خريد ڪرڻي هئي پر اهو اعلان صرف اعلان ئي رهيو.جڏهن ته کاتي جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو 2 هفتا اڳ ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي دوري دوران منظور ٿيل پئسا جاري نه ٿيڻ جو اجلاس ۾ ذڪر پڻ ڪيو هو. کوکرا پار، ڇاڇرو، ارندو، اڏاڻي، ڪاڳيان، ڀوريلو، چيلهار، روهڙ، رڙيارو، پنات، ڀوڇڙا جيو ۽ کينسر وارن علائقن مان سوين خاندان پنهنجو چوپايو مال ڪاهي وٿاڻ ويران ڪري بئراجي علائقن ڏانهن هليا ويا آهن. ٻئي پاسي صحت کاتي ضلعي عمرڪوٽ جي ڪامورن جي پت وائکي ٿي پئي. ٿر جي ڏڪار، بک ۽ بدحالي ۾ ٻار ٻڍا توڙي چوپايو مال مري رهيو آهي پر ڏڪار وارن علائقن جي ڳوٺ ڪپلور ۽ هڊاڪر جي ميڊيڪل ڊسپينسرين کي تالا لڳل آهن. ٻنهي اسپتالن ۾ موجود فرنيچر، فرج ۽ ٻيو سامان علائقن جي بااثرن جي ذاتي استعمال هيٺ آهي.اهڙي ڏڪار واري خطرناڪ صورتحال سبب ٻنهي ڳوٺن جي اسپتالن کي تالا لڳل هجڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ عملو دوائون کڻي ڳوٺ جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ رکي اتي مريضن جو علاج ڪرڻ تي مجبور آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *