ڏوڪري بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي ايجنٽن جي ڦرمار، مستحق عورتن سان انصاف ڪير ڪندو؟

 

ڏوڪري زرعي فارم ڪالوني ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي مستحق عورتن کي امداد نه ملڻ ۽ ايجنٽن پاران رشوت وٺڻ وارين خبرن جو بينظير انڪم سپورٽ جي اختيارين نوٽس ورتو، گذريل ڏينهن بي آءِ ايس پي جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالله گڏاڻي پوليس ساڻ ڪري سينٽر تي ڇاپو هنيو،  ڇاپي دوران ايجنٽ فرار ٿي ويا، ريجنل ڊائريڪٽر مستحق عورتن کان مسئلا معلوم ڪيا جڏهن ته سينٽر تي موجود عملي کي ڇنڊ پٽي ۽ کين وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئينده ان سينٽر تي ڪرپشن ڪرڻ، عورتن کي درست طريقي سان امداد نه ملڻ جون شڪايتون مليون ته سموري عملي کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ گرفتار به ڪيو ويندو. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالله گڏاڻي چيو ته ڏوڪري سينٽر تي عورتن کي امداد نه ملڻ ۽ ايجنٽن معرفت ڪرپشن ڪرڻ جون شڪايتون مليون جنهن بعد اسان ڇاپو هنيو آهي ۽ مستحق عورتن کان تفصيل ورتا آهن جڏهن ته عملي کي به وارننگ ڏني آهي. هوڏانهن مستحق عورتن مسمات زاهدان، مسمات صغران، مسمات وزيران، شاهدان ۽ ٻين ٻڌايو ته ايجنٽ 15 سئو کان 2 هزار رپيا رشوت وٺي امداد ڏيارين ٿا. هنن چيو ته ريجنل ڊائريڪٽر جي ڇاپي بابت پوليس ذريعي سينٽر تي اڳواٽ ئي اطلاع ملي چڪو هيو  جنهن ڪري انتظاميا ايجنٽن کي سينٽر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هيو، ڇاپي واري ٽيم جي وڃڻ کان پوءِ ايجنٽ ٻيهر سينٽر تي موٽي آيا جن ساڳيو ڪم شروع ڪري ڏنو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪافي عرصي کان اهي خبرون هلي رهيون آهن ته ڏوڪري ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي مستحق عورتن کان مختلف طريقن سان ايجنٽ رشوت وٺي رهيا آهن ۽ تنهن هوندي به مستحق عورتن کي ملندڙ امداد مان به ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي انڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڏوڪري شهر سميت سمورن شهرن ۾ جتي بينظير انڪم سپورٽ سينٽر موجود آهن تن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ته جيئن مستحق عورتن سان انصاف ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *