ڏوهارين خلاف ٿيندڙ اڻ اعلانيل ڪارروائي

سنڌ ۾ اڄڪلهه هاف فرائي ۽ فل فرائي واري فارمولي جا چئوٻول آهن، ان فارمولي تحت چيو پيو وڃي ته جيڪي به نامي گرامي ڌاڙيل يا ڏوهاري آهن تن مان ڪجهه کي پوليس مقابلن ذريعي يا ته ماري ڇڏڻ يا کين سخت زخمي ڪري ڇڏڻ واري اڻ علانيل پاليسي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، جن ڏوهارين کي ماريو وڃي ٿو تنهن لاءِ فل فرائي ۽ جن کي زخمي ڪيو پيو وڃي تنهن لاءِ هاف فرائي وارو اصطلاح استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حڪومتي سطح تي ته اهڙي ڪنهن فارمولا تي عمل ٿيڻ بابت ڪو به اشارو نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي پوليس کاتي پاران ڪو اهڙو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هاف فرائي يا فل فرائي واري ڪنهن فارمولي تي ڪي ڳجهه ڳوهه وارا حڪم جاري ٿي چڪا آهن. بهرحال ڪجهه به هجي پر اها حقيقت آهي ته هاف فرائي ۽ فل فرائي وارن افواهن کانپوءِ گري گنجي وارن ڏوهاري جي سرگرمين کي في الحال ٻنجو اچي ويو آهي ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ڳچ حد تائين لاٿ اچي چڪي آهي. جڏهن ته هيل تائين جيڪي به و اقعا سامهون آيا آهن، تن ۾ ته اهو ڏٺو ويو آهي ته انعام رکيل ڌاڙيلن ۽ رهزنن کي فل فرائي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻين کي هاف فرائي ڪندي انهن کي گوڏن واري هنڌ تي گوليون هڻي معذور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن اهي سڄي زندگي هلڻ کان به لاچار رهن، جن به ڏوهارين خلاف هاف ۽ فل فرائي وارو فارمولو استعمال ٿيو آهي تن لاءِ اهو ئي چيو ويو آهي ته انهن جوابدارن پوليس کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي يا انهن سان پوليس جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ اهي مارجي ويا يا زخمي ٿي پيا.

اسان وٽ ڏوهن ۾ واڌ جو هڪ سبب اهو به آهي جو ملڪ ۾ ڏوهاري سوچ رکندڙ ماڻهن عدالتن جي مجبورين ۽ قانون جي ڪمزورين جو مڪمل اڀياس ڪري ورتو آهي هونئن به اسان جي قانون ۾ اڄ به سڀيئي رعايتون جوابدارن کي حاصل آهن. مثال طور ڪو به شخص ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي وڃي ٿو پهريائين ته هن جو ڪيس داخل ئي نه ٿو ٿيئي پر جيڪڏهن اهو ڏوڪڙ ڏيئي يا ڪا سفارش ڪرائي ڪيس داخل ڪرائي ٿو يا عدالت۾ درخواست داخل ڪري عدالت کان ڪيس داخل ڪرڻ وارو حڪم حاصل ڪري ٿو، تڏهن به پوليس جوابدار کي گرفتارڪرڻ کان لنوائيندي رهي ٿي، پرجيڪڏهن اهو جوابدار گرفتار به ٿي وڃي ۽ ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته اهو هڪ يا ٻن ڏينهن اندر گهڻو ڪري ضمانت تي آزاد ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته قانون موجب سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کانسواءِ باقي ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جوابدار جو قانوني حق آهي. هاڻ جڏهن ڪو فريادي ڪنهن جوابدار کي سوگهو ڪرائڻ لاءِ مهينن جا مهينا ڌڪا کائي ڪو ڪيس داخل ڪرائي ٿو ۽ اهو جوابدار هڪ يا ٻن ڏينهن اندر آزاد ٿيو وڃي. هونئن به اسان وٽ اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار ضمانت تي آزاد ٿي وڃي ٿو ڄڻ ته ان جو اڌ ڪيس ختم ٿي ويو آهي باقي آهن، شنوايون اهي پيون هلنديون ۽ اهي ايتريون ته ڊگهيون هلنديون آهن يا ڪيس ايترا سال هلندو آهي جو فريادي پاڻ ئي ڪيس تان هٿ کڻي ٺاهه لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. اسان وٽ عدالتن جي انهي ڊگهي عمل جي ڪري ڏوهاري ماڻهن جو من ڏينهون ڏينهن نه رڳو وڌي رهيو آهي پر ڏوهن ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. هوڏانهن اهي ڏوهاري جيڪي ڏوهن جو جهان ٺاهي ويٺا آهن،تن نه رڳو سڄو ملڪ تپائي ڇڏيو آهي پر اهي هاڻ پوليس لاءِ به مٿي جو سور بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته عدالتون به اهڙن رهزنن خلاف شاهديون نه ملڻ ڪري انهن کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن. عدالتن جا جج سمجهن به ٿا ته جيڪو جوابدار عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي اهو واقعي ڏوهاري لڳي ٿو پر جيئن ته ڪاغذن ۾ ۽ قانوني پيچيدگين جي ڪري اهو آزاد ڪرڻ جي لائق آهي ان ڪري جج انهن کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. هاڻ جڏهن سڀ ڪجهه هٿن مان نڪرندو نظر اچي ۽ هر ڪو بيوس ٿيڻ لڳي ته پوءِ آخري حل فل فرائي يا هاف فرائي ئي وڃي بچي ٿو، جنهن تي عمل شروع ٿي چڪو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهو به ڪو مستقل حل ناهي، اوهان جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ پستول رکو ٿا ته اوهان جي گهر تي چڙهائي ڪندڙ پڪ ڪهاڙي کڻي نه ايندو پر اهو پستول کان وڏي شيءِ کڻي حملي آور ٿيندو. اڄ کان 20 سال اڳ هر ٿاڻي تي رڳو هڪ رائيفل هوندي هئي، عام پوليس وارو لٺ کڻي اڌ ڳوٺ کي ٻڌي وٺي ايندو هو ۽ ڪنهن وڏي ڏوهاري کي جهلڻ لاءِ ويندڙ پوليس پارٽي وٽ اها رائيفل رڳو هڪ سپاهي کي ڪلهي ۾ ٽنگيل هوندي هئي اسان وٽ جڏهن کان پوليس کي جديد هٿيار ملڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان ڌاڙيلن ۽ رهزنن انهن کان به وڌيڪ جديد هٿيار خريد ڪرڻ شروع ڪيا آهن اڄڪلهه هر پوليس واري جي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف ٽنگيل آهي تڏهن به ڏوهارين کي ڪو به ڊپ ڊاءُ ناهي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ان کان به وڌيڪ خطرناڪ هٿيار موجود آهن.

اسان سمجهون ٿا ته هاف ۽ فل فرائي وارو فارمولو وقتي طور تي ته ٺاپر ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته اهو فارمولو سدائين لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿو ٿي سگهي، جنهن جو مثال اسان هن طرح به ڏ يئي سگهون ٿا ته ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جن پوليس اهلڪارن آپريشن ڪيا ۽ انهن جو خاتمو آندو جڏهن ته دهشتگردن بعد ۾ انهن سڀني اهلڪارن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت جيڪڏهن اهو فارمولو ڪجهه عرصي تائين استعمال ٿيندو رهيو ته پوءِ جيڪڏهن رد عمل ۾ ڌ اڙيلن ۽ رهزنن اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو، تنهن بابت به اڄ ئي سوچڻ جي ضرورت آهي ائين نه ٿيئي ته پوءِ اسان کي سڀيئي ٿاڻا بند ڪري انهن ۾ به قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ويهارڻ تي مجبور ٿيڻو پئي، بهرحال اڳتي ڇا ٿو ٿيئي تنهن لاءِ سوچڻ جو اهو ئي وقت آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن مريض کي جيڪڏهن اٿندي ئي هاءِ ڊوز ڏيئي ڇڏجي ته پوءِ ان جو علاج هاءِ ڊوز کان هاءِ ڊوز ذريعي ئي ڪرڻو پوندو ۽ اهڙو مريض بچي سگهندو يا برداشت ڪري سگهندو، تنهن لاءِ به آساني سان سمجهي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *