ڏهرڪي واقعو رشتن مٿان سواليه نشان.؟

 

ڏهرڪي ويجهو کينجهو ٿاڻي جي حد ۾اوباش نوجوانن نشي ۾ ڌت ٿي ڪري پنهنجي دوست جي  گهرواريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو، جنهن بعد کينجهو پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ميرپور ماٿيلي جي ڳڙهي چاڪر ۽ واڳڻي واري علائقي سان واسطو رکندڙ ٻن اوباش نوجوانن درشن ڀيل ۽ مهراڻ ڀيل گذريل رات دير سان کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد مهر ۾رهندڙ پنهنجي دوست گلو ڀيل جي گهر مهمان ٿي آيا. جن گلو ڀلي کي شراب ۾ نشي آور گوريون کارائي کيس بيهوش ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ٻنهي جوابدارن گلو ڀيل جي گهر واريءَ ثمينه ڀيل کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. واقعي بعد ٻئي جوابدار عورت کي ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا.  هوڏانهن گلو ڀيل هوش ۾ اچڻ بعد پنهنجي گهر واريءَ ثمينه کي بند پيل ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو. جنهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل هئا. جنهن بعد گلو ڀيل پنهنجي گهر واريءَ ثمينه کي ساڻ ڪري کينجهو ٿاڻي پهتو ۽ ٻنهي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏيي آهي. اهڙي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد کينجهو پوليس ٻنهي جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. واقعي بابت ثمينه ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته درشن ۽ مهراڻ ڀيل منهنجي مڙس گلو ڀيل جا دوست آهن، جيڪي رات دير سان اسان جي گهر پهچي منهنجي مڙس شراب ۾ نشي جون گوريون ڏئي کيس بيهوش ڪري ڇڏيو.  جنهن بعد هنن مون سان سڄي رات لڄالٽ ڪئي. جڏهن ته منهنجي مزاحمت تي هنن منهنجا ڪپڙا به  ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. هنن چيو ته ٻنهي جوابدارن مون کي قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ثمينه ڀيل اعليٰ اختيارين کان ٻنهي جوابدار کي ڦاهي تي لٽڪائڻ جي گهر ڪئي آهي. هوڏانهن کينجهو ٿاڻي تي لاڪپ ڪيل درشن ڀيل ۽ مهراڻ ڀيل صحافين کي بيان ڏيندي چيو ته هنن کان نشي جي حالت ۾ خطا ٿي وئي آهي. اسان پنهنجي ڏوهه قبول ڪريون ٿا. ٻئي طرف کينجهو جو چوڻ آهي ته ناري سان ڏاڍائي ڪندڙ ٻئي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. جڏهن ته واقعي جي جاچ هلندڙ آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ بعد جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ٻيهر اهڙي قسم جو واقعو ڪرڻ کان اڳ ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي هزار ڀيرا انهن رشتن جو خيال اچي جنهن رشتن تي هن وقت دنيا قائم ۽ دائم آهي ڇاڪاڻ ته رشتو چاهي ڪهڙو به هجي پر ان جو احترام ڪرڻ هر ڪنهن جو فرض آهي، اگر رشتن جي پئمالي ٿيندي ته اڳتي هلي اسان جي سماج سان سمورا رشتا ختم ٿي ويندا جنهن سان نه صرف نفرتون وڌنديون بلڪه ڪيترائي ڀيانڪ واقعا پيش ايندا تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺي جوابدارن کي سخت کان سخت ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *