ڊاڪٽر غاصم خلاف نيب جو گهيرو ڏينهون ڏينهن تنگ

نيب پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم خلاف ايل اين جي ڪيس ۾ هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ٿيو. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير زاهد قربان علوي، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار ۽ بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ايم پي اي فتح علي عمراڻي خلاف جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ويو. نيب ترجمان موجب ڊاڪٽر عاصم تي قومي خزاني کي 17 ارب 33 ڪروڙ، ضياءُ الحسن لنجار تي غير قانوني اثاثا ٺاهڻ ۽ قومي ناڻي کي 4 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب جي اجلاس ۾ ايف بي آر ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين عبدالله يوسف خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ريلوي جي اڳوڻي آءِ جي ابن حسن خلاف شڪايتن جي جاچ جي تصديق ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. نيب ترجمان موجب ڪي ڊي اي جي چئن آفيسرن خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي اڳوڻي سينيٽر مرحوم اعظم هوتي ۽ سندس بيواهه حميرا خلاف شڪايتن کي رد ڪيو ويو. ڊاڪٽر عاصم تي سوئي گيس، او جي ڊي سي ايل ۾ ٺيڪن، ايل پي جي، ڪوئلي ۽ ٻين معاملن ۾ بيقائدگين جي به جاچ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *