ڇهه هزار 777 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

 

وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 6 هزار 777 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مشڪوڪ ماڻهن جو رڪارڊ دهشت گردي ايڪٽ 1997ع جي شيڊول ۾ موجود آهي. انهن ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي. انهن ماڻهن کي شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ حد جي پوليس کي ٻڌائڻو لازمي هوندو، لسٽ ۾ 1416 ماڻهن جو تعلق پنجاب، خيبر پختون خواهه جي 4 هزار، بلوچستان جي 638 ماڻهن سنڌ ۾ هڪ هزار، اسلام آباد جي 23 ماڻهن جا نالا شامل آهن. گهرو وزارت چئني صوبن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي سندن گرفتاري لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا ,وزيراعظم محمد نواز شريف کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ٽيليفون ڪري پشاور سانحي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ عالمي برادري پاڪستان سان گڏ آهي ۽ پشاور سانحي تي پاڪستان جي قوم سان ڏک جو اظهار ڪري ٿي. هوڏانهن اطلاعات جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پشاور سانحي جو ڏک ايندڙ نسل به محسوس ڪندو رهندو. غلطين مان سبق سکندي پنهنجو احتساب به ضروري آهي. اسلام آباد ۾ پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته انتهاپسندن ۽ دهشت گردن کي ملڪ ۾ پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ نه ڏينداسين. پاڪستان ۾ ڪنهن کي به هٿياربند لشڪر قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ملڪ ۾ ڪهڙو نظام لاڳو ٿيندو ان جو فيصلو ڪرڻ جو حق صرف عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ کي آهي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ويڙهاڪ تنظيمن يا جٿن جي اجازت نه هوندي. هن چيو ته دهشت گردن عبادگاهن، حساس تنصيبات ۽ بازارن کي نشانو بڻايو. پاڪستان جي حفاظت جي ذميواري رڳو آئيني ادارن جي آهي. فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته قوم جي اعتماد ۽ اتفاق راءِ تي پورو لهندي ملڪ مان دهشت گردي ۽ شدت پسندي جي لعنت کي پاڙان پٽينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي معاملن تي غور ۽ نيشنل ايڪشن پلان متعلق فوج ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪ جي دهشت گردن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياسي قيادت جي عزم کي ساراهيندي چيو ته سياسي قيادت طرفان سڌارا ۽ انتظامي قدم ساراه جوڳا آهن. هن چيو ته اسان قوم جي اعتماد تي پورو لهنداسين. عوام جي اعتماد کي برقرار رکندي قومي اتفاق راءِ کي عملي قدمن ۾ به تبديل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *