چيني سرڪار پاڪ-چين اقتصادي لنگهه کي 5 ساله منصوبي جو حصو بڻائي ڇڏيو

دنيا جي ملڪن مان چين واحد ملڪ آهي جنهن پاڪستان سان ڀائپي جو رشتو هر دور ۾ نڀايو آهي، شهيد ڀٽي پاران پوکيل دوستي جي ٻج هر دور ۾ پنهنجي محبت جو ثبوت ڏني آهي، جنگ هجي يا ڪاروباري معاملا چين پاڪستان جو ساٿ هر دور ۾ نڀايو آهي، ۽ ثابت قدم رهيو، حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون پر دوستي جو رشتو ويتر مضبوط ٿيندو پئي ويو، جنهن جو تازو مثال موجوده دور حڪومت ۾ چين پاڪ – چين اقتصادي لنگهه واري رٿا کي پنهنجي 13هين 5 سالن واري ترقياتي منصوبي جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سان خطي جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ مدد ملندي. ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاس ۾ پارٽي قيادت پاڪ – چين اقتصادي لنگهه جي رٿا بابت تجويزون پيش ڪيون . پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ چيو ته اها رٿا ترقي جون نيون راهون کوليندي. هن چيو ته رٿا جي تياري دوران جديد تحقيق بعد ان کي وچين ۽ ڊگهي مدي واري منصوبي تحت تيارڪيو ويو آهي. هن چيو ته چين جي صدر شي جنگ پنگ شاهراه ريشم جي روٽ کي اقتصادي بيلٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي ته جيئن 21هين صدي ۾ خطي جي گڏيل واپار کي هٿي ملي سگهي. پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبو سلڪ روٽ جي نئينسر تعميرلاءِ هڪ بنيادي منصپبو آهي. جنهن تي سڄي دنيا جو ڌيان آهي. هن چيو ته منصوبي جي ويزن کي اسان جي قيادت، حڪومت جي گڏيل مشاورت ۽ چين جي سياسي قيادت جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. چيني سفير چيو ته ان منصوبي سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان راهداري سان غربت جو خاتمو ۽ سماجي ترقي لاءِ نيون راهون کلنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *