چونڊن کان اڳ فنڊ جي ورهاست ڇو..؟

سپريم ڪورٽ چونڊن کان اڳ پارليامينٽ ميمبرن کي ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پارليامينٽ ميمبرن کي ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اها ڳالهه سامهون اچي رهي آهي ته حڪومت چونڊن کان اڳ ميمبرن کي فنڊ جاري ڪري رهي آهي، ڇا ميمبرن کي ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو عمل پري پول ڌانڌلي ۾ نه ٿو اچي؟ اليڪشن کان اڳ ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪهڙي قانون تحت جاري ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل حڪومت کان فنڊ جاري ڪرڻ جي قانوني حيثيت پڇي عدالت کي آگاهه ڪري. ٿي سگهي ٿو ته چونڊن کان اڳ ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، سرڪاري فنڊن کي اسيمبلي ميمبرن جي صوابديد تي ڇڏي سگهجي ٿو. اها گائيڊ لائين هئڻ گهرجي ته سرڪاري اشتهار ڪنهن لاءِ هجڻ گهرجي، اهو ڪم اسان پنهنجي ذميواري سمجهي ڪري رهيا آهيون، حڪمران پنهنجي مشهوري لاءِ سرڪاري ناڻو استعمال نه ڪن پر سياسي مشهوري لاءِ پنهنجو پارٽي فنڊ استعمال ڪن، سرڪاري پئسي سان اشتهار پري پول ڌانڌلي آهي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته پ پ سرڪاري اشتهار ذريعي جيڪا پنهنجي سياسي مشهوري ڪئي اها رقم قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي وڃي. اي پي اين ايس جي وڪيل چيو ته عدالت ۾ گائيڊ لائين پيش ڪري رهيا آهيون، سرڪاري اشتهار ووٽ گهرڻ لاءِ استعمال نه ٿو ٿي سگهي ان سان سياسي مشهوري نه ملڻ گهرجي ۽ سياسي شخصيتن جي تصوير نه هئڻ گهرجي، سرڪاري منصوبن کان آگاهي عوام جو حق آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سياسي ليڊر پنهنجون تصويرون اشتهار ۾ لڳائڻ بند ڪن، جيڪا تصوير لڳي آهي ان جا پارٽي اڳواڻن کان پئسا واپس ڪرايو، اهو معاملو هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عاصمه حامد کان پڇيو ته اشتهارن ۾ سياستدانن جون تصويرون شامل آهن. وڪيل چيو ته ها آهن. چيف جسٽس پڇيو ته ذاتي مشهوري جا پئسا ڪير ڏيندو؟ ڇا توهان 55 لک رپين جو پهريون چيڪ جمع ڪرائي ڇڏيو، هي معاملو سڄو ڏينهن ٻڌندس. ڪي پي ڪي جي اطلاعات سيڪريٽري چيو ته پهرين ڊسمبر 2017ع کان 28 فيبروري 2018ع تائين 24 ڪروڙن جا اشتهار ڏنا ويا جن ۾ عمران خان ۽ پرويز خٽڪ جون تصويرون لڳل ناهن. چيف جسٽس چيو ته سرڪاري اشتهارن تي 24 ڪروڙ رپيا لڳايا ويا آهن. سيڪريٽري چيو ته اهي اشتهار عوامي آگاهي ۽ فيڊ بيڪ لاءِ ڏنا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *