چارسده واقعو: بعد پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب وزيراعظم نواز شريف تي آڱريون کڄي رهيون آهن، اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته چارسده سانحو ڏکيوئيندڙ آهي، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ايوان کي آگاهه ڪري. سموري دنيا چارسده يونيورسٽي تي حملي جي مذمت ڪئي، پر گهرو وزير ان بابت هڪ لفظ ئي نه ڳالهايو، لڳي ٿو ته بيت الله محسود جي موت تي روئيندڙن کي اڃا تائين افسوس آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته چارسده سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، وزيراعظم نوازشريف چوڌري کي ڪٿي ٻئي هنڌ لڳائي، چارسده جهڙن واقعن جي ذميواري گهرو وزير جي هوندي آهي.

سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي سيڪيورٽي پاليسي بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ذميواري قبول ڪندي وفاقي گھرو وزير گھر هليو وڃي. جيڪڏهن خدا نه ڪري اهڙي قسم جو دهشتگردي جو حملو سنڌ ۾ ٿئي ها ته فوري طور وزير اعليٰ کي هٽائڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ها ۽ صوبي ۾ سموري جمهوري نظام کي ختم ڪيو وڃي ها. چارسده سانحي جي ذميواري صوبائي حڪومت سان گڏ وفاق تي به لاڳو ٿئي ٿي، سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ هاڻي چارسده واقعي تي ڇو خاموش آهن ۽ هو ڪي پي ڪي حڪومت بابت ڇا چوڻ چاهيندا، وفاقي جي سنڌ سان پاليسي مختلف ۽ ٻين صوبن سان الڳ پاليسي آهي، مولا بخش چانڊيو چيو ته سمورن ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن کي فقط سنڌ ۾ ئي ڪرپشن ۽ باقي برايون نظر اچي رهيون آهن، ملڪ جي باقي حصن ۾ ڪنهن جي به نظر نٿي پوي، جتي دهشتگرد يونيورسٽين ۽ اسڪولن جي معصوم شاگردن، عام ماڻهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان صحيح نموني لاڳو ڪيو وڃي ها ته باچا خان يونيورسٽي جهڙو خوفناڪ دهشتگرد حملو نه ٿئي ها. مولا بخش چانڊيو وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت پنجاب ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ صوبي کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کان پاڪ ڪيو وڃي، جيڪي انسانيت تي يقين نٿا رکن. اها وڏي بدقسمتي جي ڳالھه آهي ته ڪجهھ سياسي جماعتن ۾ انهن انتهاپسندن ۽ دهشتگردن لاءِ نرم رويو موجود آهي.

وفاقي وزير راڻا تنوير پ پ جي مطالبي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خورشيد شاهه کي هاڻي اهڙي عادت پئجي وئي آهي جو هو وزيراعظم کان پنهنجي مرصي جا وزير لڳرائڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، جيڪڏهن سندس وزيراعظم تي ايترو اثر رکي ٿو ته پوءِ پ پ ۾ ڇا ڪري رهيو آهي، باقاعده طور تي نوازليگ ۾ شامل ٿي وڃي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي هٽائڻ جو مطالبو درست ناهي، جيڪڏهن چوڌري نثار پ پ جي اڳواڻڻ جي ڪرپشن ڪيسن تي سخت موقف اختيار نه ڪري ته هو خورشيد شاهه جو پسنديده وزير بڻجي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *