ڀارتي کي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب……!

لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 6 شهري زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي تي ڀمڀر، ڪيل ۽ ليپا سيڪٽرز جي علائقن ۾ بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. ڀارتي فوج طرفان ڀونچ بٽل ۽ دوڌنيا سيڪٽرز ۾ به بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه شهري زخمي ٿي پيا. ان کانسواءِ ڀارتي فوج ناطر لچيال جي سول آباديءَ کي به نشانو بڻايو. ڀارتي فوج پاران ليپا ماٿري ۾ منڊا ڪنڊي، نيلم ماٿري جي جهپ سيڪٽر ۽ وٽالا وارن هنڌن تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب نيلم ماٿري ۾ وڏي انگ ۾ سياح ڦاٿل آهن. اطلاعن مطابق ڀارتي فورسز پاران لائين آف ڪنٽرول تي اجائي چڙڏياريندڙ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوانن سوڌو 3 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڀارتي چوڪيون تباهه ڪيون ويون، سينيئر صحافي حامد مير انڪشاف ڪيو آهي ته حملو ناڪام بڻائيندي 14 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو، 8 ڀارتي فوجين جا لاش تتاپاني سيڪٽر ۾ ڏٺا ويا، جن کي ڀارتي فوج به نه کنيو، ان کان علاوه پاڪستان جي ناردرن لائيٽ انفنٽري جي منهن ٽوڙ جواب جي نتيجي ۾ پڻ 6 ڀارتي فوجي مارجي ويا،  پاڪستاني فوج ڀارت جي هوائي حملي جي دعويٰ سختي سان رد ڪري ڇڏي آهي، پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا چيو آهي ته هوائي حملو ڪيو ويو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ ڪئي آهي ۽ ان کي هوائي حملي جو نالو ڏنو آهي، پاڪستان ۾ ڪٿي به ڪو هوائي حملو ناهي ٿيو جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين،  ڀارت ڀمڀر، ڪيل، تتاپاني ۽ ليپاسيڪٽر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو ۽ فائرنگ جو سلسلو رات اڍائي کان صبح 8 وڳي تائين جاري رهيو، جڏهن ته ڀارت الزام دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي ٻي پاسي وڃي پاڪستاني فوج تي حملا ڪيا ويا ۽ پاڪستاني فورسز سيز فائر جي خلاف ورزي ڪندي نوگام سيڪٽر ۽ هروڀرو فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ڀارت جي سمورن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران مسلسل چڙ ڏياري پئي وڃي، پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين مان دنيا سکڻ چاهي ٿي، روس سان فوجي مشقون ڪيون پيون وڃن جيڪي تمام اهم آهن، ايران سان به اسان سرحدي انتظام ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، ڀارت ۾ اڙي واقعو ڪيئن ٿيو، نقصان ڪيترو ٿيو ۽ ان ۾ ڪيترا مرچ مصالحه وڌا ويا ان بابت ڄاڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صورتحال خراب ڪري رهيو آهي، ڀارت ايل او سي تي سيڪيورٽي جا 3 گهيرا ٺاهي رکيا آهن، ڀارتي سيڪيورٽي گهيري واري تار ۾ بجلي ڇڏيندي آهي جنهن سان پکي به مري ويندا آهن ۽ ڀارتي سيڪيورٽي جو اهو گهيرو 3 کان چار ڪلوميٽر تائين پکڙيل آهي ۽ اتي مورچا ۽ سينسر به لڳل آهن، ايتري سخت سيڪيورٽي باوجود اندر گهڙڻ ۽ حملو ڪرڻ جو ڀارتي الزام سندس ئي سيڪيورٽي سسٽم جي ناڪامي آهي، پاڪستان جي رياستي پاليسي ڪنهن قسم جي چڙها چتي جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ آهي، ڀارت پاران حملي ڪرڻ جو ڇڏيل سوشو ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ جي هڪ ڪوشش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *