ڀارتي مداخلت وارو معاملو گڏيل قومن ۾ ڀرپور نموني اٿارڻ جو فيصلو

 

وزيراعظم نواز شريف ملڪي معاملن ۾ ڀارتي مداخلت وارو معاملو گڏيل قومن ۾ ڀرپور نموني اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڀارت جي پاڪستان ۾ مداخلت وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿارڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي معاملن ۾ ڀارتي مداخلت وارو مسئلو گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي ڀرپور نموني اٿاريو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جي هلندڙ سال طئي ٿيل آمريڪي دوري تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت بابت پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي پر امن واري ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هوڏانهن  پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته اهو افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي چاهي ٿو ۽ ان هميشه افغانستان ۾ مضبوط ۽ جمهوري نظام جي حمايت ڪئي آهي ۽ دهشتگردي جي سمورن بزدلاڻين ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. افغان صدر اشرف غني جي پاڪستان خلاف ريمارڪس بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اهي ريمارڪس حقيقي معنيٰ ۾ غلط آهن. هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي ترجمان تصديق ڪئي ته پاڪستان جي حڪومت ايم ڪيو ايم ذريعي پاڪستان جي ملڪي معاملن ۾  ڀارتي ڳجهي اداري ”را” جي ملوث هئڻ جي حوالي سان بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ برطانوي اختيارين سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ان حوالي سان پرڏيهي آفيس طرفان  موڪليل درخواست تي برطانوي حڪومت طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو جواب نه آيو آهي. قاضي خليل الله هڪ سوال تي  چيو ته گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي پرڏيهي آفيس سان معمول جي صلاح مشوري ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان گڏيل قومن جي سيپٽمبر ۾ رٿيل دوري جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيل آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي پاڪستان گهڻي عرصي کان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي اتي ڀارت طرفان رنڊڪون وڌيون پيون وڃن جيڪي دهشتگرديءَ کي هٿي ڏيڻ برابر آهن انڪري پاڪستاني حڪومت کي گهرجي ته ڀارت پاران پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ وارا ثبوت اقوام متحده آڏو پيش ڪري ڀارت جي سازشن کي بي نقاب ڪيو وڃي ته جيئن سڄي دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جا اصل مقصد ڪهڙا ۽ نيت ڪهڙي اٿس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *