ڀارتي حڪومت سان گڏ فوجي سربراهه به پاڪستان فوبيا جو شڪار

ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس موجب ته ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل اروپ راها چيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ باغي گروپن هندستاني هوائي فوج لاءِ وڏو خطرو آهن. اروپ راها ننڍي کنڊ ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ڀارت لاءِ وڏي سيڪيورٽِي للڪار قرار ڏنو آهي. نئين دهلي ۾ 12 هين سبروتو مڪرجي سيمينار کي خطاب ڪندي ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه چيو ته ننڍي کنڊ ۾ چين جو وڌندڙ اثر رسوخ ڀارت جي پرڏيهي ۽ بچاءَ وارين پاليسين تي اثر وجهي رهيو آهي. هن چيو ته چين، پاڪستان سوڌو سڀني پاڙِسري ملڪن سان پنهنجي اقتصادي ۽ فوجي لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيو آهي، تبت جي خودمختيار علائقن ۾ چين طرفان تيزي سان ٿيندڙ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ، ڊائوچنگ ياڊنگ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي جي اڏاوت، پاڪستان سان گوادر پورٽ جي تعمير ۽ اقتصادي لنگهه رٿا، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ ميانمر سان وڌندڙ فوجي لاڳاپا ڀارت لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ آهن. پاڪستان بابت ڳالهائيندي اروپ راها چيو ته پاڪ فوج پاران هٿياربند تنظيمن جي مدد ۽ هندستاني والار هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ پاڪستان جي مداخلت ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ آهي. پاڪستان پنهنجي اندروني صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ به چين ۽ آمريڪا سان متوازي لاڳاپا قائم رکيا آهن، جڏهن ته چين، آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جو پاڪستان سان جوهري هٿيارن ۽ جنگي جهازن جي حوالي سان سهڪار به ڀارت لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ڀارتي ايئرچيف چيو ته هندستان جي اندروني سلامتي لاءِ نڪسل باغي سڀ کان وڏو خطرو آهن ۽ جيڪڏهن نڪسل علحدگي پسندن کي سختي سان منهن نه ڏنو ويو ته اهو خطرو وڌيڪ سنگين شڪل اختيار ڪري ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *