ڀارتي جارحيت

پاڪستان ۽ ڀارت دنيا جي گولي تي ٻه اهڙا مُلڪ آهن، جيڪي گذريل ستهٺ سالن کان انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن. ٻنهي مُلڪن ۾ هن وقت تائين ڪارگل واقعي سميت ٽي جنگيون لڳي چُڪيون آهن، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن انتهائي ڳرو نقصان به ڀوڳيو آهي، پر پوءِ به سندن وچ ۾ دوستاڻي ناتي جا سِلا ڦُٽڻ کان اڳ ئي دشمنيءَ جي جهار اُنهن کي کايو وڃي. ۽ اهو سلسلو گذريل ستهٺ سالن کان جيئن جو تيئن جاري آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ معاملي ۾ ميار گهڻي ڀاڱي ڀارت ڏانهن ئي ٺهي ٿي جو هُو دنيا ۾ پاڻ کي سڀ کان وڏو جمهوري مُلڪ سڏائي ٿو ۽ آبادي توڙي ايراضيءَ جي حوالي سان به وسعت رکي ٿو، پر اُهو دليءَ طور انتهائي ننڍڙو ثابت ٿيو آهي، جو جڏهن به پاڪستان دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڏانهس هٿ وڌايو آهي ته هُن ننڍڙن ۽ تڇ برابر مسئلن تي سدائين پوئتي پير ڪيو آهي. ايترو ئي نه پر طاقت جي مڳيءَ ۾ هُن سدائين لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بنديءَ جي معاهدي جي به خلاف ورزي ڪئي آهي، جنهن جو تازو مثال گذريل ٽن ڏينهن کان سيالڪوٽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي ڪيل اُها انڌا ڌنڌ فائرنگ آهي، جنهن ۾ هيستائين ڏهه عام شهري موت جو کاڄ بڻيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل عام ماڻهن کان پوءِ اُتي جي مقامي آباديءَ ۾ خوف جي لهر پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري اُتان ماڻهو عارضي طور لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.پاڪستاني فورسز، عام شهرين مٿان ٿيندڙ فارئنگ جي انهن واقعن تي گڏيل قومن جي فوجي مبصر مشن سان احتجاج ڪيو آهي ۽ اها مشن متاثر هنڌن جو دورو پڻ ڪندي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بي سبب ٿيندڙ ان فائرنگ تي ڀارتي سفارتخاني سان شديد احتجاج ڪيو آهي. جڏهن ته ڀارتي فوج انهيءَ فائرنگ جي جواز ۾ ڄاڻايو آهي ته فائرنگ جي اڳرائي پاڪستاني فورسز طرفان ڪئي وئي هُئي، جنهن جي جواب ۾ هُنن اها فائرنگ ڪئي آهي. ڪيئن به هجي، پر اهي فائرنگ وارا واقعا ٻنهي مُلڪن جي مفاد ۾ بهتر ناهن. تنهن ڪري ڀارت کي پنهنجو اهو روايتي هٺ ڇڏڻو پوندو ۽ هُن کي پاڙيسري نه بدلائي سگهڻ واري حقيقت کي سمجهڻو پوندو. ساڳي وقت اسين پنهنجن حڪمرانن کي به صلاح ڏينداسين ته هُو معاملن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺن ۽ اِهو ڏسن ته ڪٿي سندن پير ته سوَڙ مان ٻاهر نه نڪري رهيا آهن؟ بهرحال اسين اُميد ٿا ڪريون ته ٻئي مُلڪ تڪراري مامرن ۾ پوڻ بجاءِ دوستيءَ وارو دڳ اختيار ڪندا ته جيئن هن خطي جي ماڻهن کي ترقي وٺرائي دُنيا سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *