ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان جو مُنهن ٽوڙ جواب

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ڀارت کي ان سلسلي ۾ ڪنهن  به شڪ شبهي۾ نه رهڻ گهرجي، هن چيو ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن وڌيڪ  چيو ته اسان ايران، ڀارت ۽ افغانستان سان مستحڪم لاڳاپا چاهيون ٿا. پاڪستان جي علائقائي حالتن ۽ ڀارت طرفان سرحدن تي لاڳيتي جارحيت واري عمل جي پس منظر ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز جو مٿيون بيان نهايت اهميت وارو آهي، جنهن ۾ڀارتي حڪمرانن کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ ڀارت کي ان بابت ڪنهن به شڪ ۾ نه رهڻ گهرجي، اها حقيقت آهي ته پاڪستان هن وقت معاشي دٻاءَ سان گڏ اندروني طور امن امان بابت مشڪل حالتن کي منهن ڏئي ر هيو آهي ۽ ان صورتحال جو فائدو وٺندي ئي ڀارتي فوج  ڪشمير سميت مختلف سيڪٽرن تي مسلسل جارحيت ڪري هڪ طرف سان پاڪستان جي صبر کي آزمايو پيو وڃي ۽ مقصد صاف ظاهر آهي ته پاڪستان کي اشتعال ۾ آڻي هڪ ڀيرو وري جنگ جي اوڙاهه ۾ ڌڪيو وڃي ۽ ان جو فائدو ملڪ ۾ موجود پاڪستان دشمن قوتون حاصل ڪن. شايد ڀارت ۽ ان جي حڪمرانن کي اها ڳالهه وسري وئي آهي ته پاڪستان مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ اسلام جي نالي ورتل هن  ملڪ ۾ اتان جا رهواسي پاڻ ۾ ڪيترا اختلاف رکندڙ ڇو نه هجن پر جڏهن ڀارتي جارحيت ٿي آهي ته پاڪستانين جو اتحاد مثالي ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ هر موقعي تي ڀارت ۽ ان جا حڪمران پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ نقصان ڏسندا رهيا آهن، ان جو مثال 1948ع واري  جارحيت دوران ڀارت  کي ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تان هٿ کڻڻو پيو،  1965ع واري جارحيت جي نتيجي ۾ پاڪستاني فوج ۽ حرمجاهدن جي جوابي ڪارروائي دوران ڀارتي فوجي ڪڇ جي رڻ واري محاذ تي پنهنجيون ورديون به ڇڏي ڊپ وچ اهڙا فرار ٿيا جو اهي فرار ٿيا جو اهي حقيقتون فلمن جي صورت ۾ منظر عام تي آيون.جڏهن ته 1971ع واري جارحيت هڪ بين الاقوامي سازش هئي، جنهن ۾ پاڪستان ٻه اڌ ضرور ٿيو، پر وڌيڪ مضبوط ٿي دنيا جي قومن آڏو نمودار ٿيو، جڏهن ته بنگلاديش جي صورت ۾ نئون اسلامي ملڪ هن وقت به ڀارت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، هن وقت به ڀارتي حڪمران پنهنجي جارحيت کي دفاع ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر دنيا جي پرامن قومن کي خبر آهي ته ڀارت جي   حڪمرانن جي سوچ ۽ ماضي جا مسلم ڪش عمل ڪهڙا آهن ان ڪري پاڪستان بابت  هر قول ۽ فعل ڀارتي حڪمرانن جي پنهنجي ڳچي ۾ پئجي رهيو آهي.اسان وزيراعظم پاڪستان محمد نواز شريف کي مودبانه صلاح ٿا ڏيون ته ڀارت سان واپار ۽ ٻين معاملن تي لاڳاپن کي ڪشمير مسئلي جي حل سان مشروط ڪيو وڃي جيستائين  اهو تڪراري مسئلو حل نه ٿيندو، پاڪ ڀارت ناتا هرگز عام رواجي نه ٿي سگهندا ۽ هلندڙ واپار جا اهي فائدا حاصل نه ٿي سگهندا، جيڪي عام رواجي حالتن ۾ ٿيندا آهن. گڏوگڏ ڀارتي حڪمرانن سان انهي لهجي ۾ ڳالهايو وڃي، جنهن لهجي ۾ اهي ڳالهائين  ٿا ۽ ڪنهن ڌمڪي آميز بيان کي هرگز نظرانداز نه ڪيو وڃي ڇو ته ان کي پاڪستان جي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *