ڀارتي جارحيت خلاف سياسي قيادت متحد ٿي وئي…..!

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ سياسي ۽ پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت لاءِ مڪمل طور تي متحد آهن جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ گذريل 87 ڏينهن ۾ 110 بي گناهه شهرين کي شهيد ڪيو جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، جڏهن ته پيلٽ گنز سان 700 کان وڌيڪ ڪشميرين کي نور کان محروم ڪيو، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان بي گناهه ڪشميرين جي مسلسل رتوڇاڻ جي مذمت ڪريون ٿا جيڪا انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي، پڌرنامي ۾ ڀارت جي تازي هروڀرو جي جارحيت ۽ سيز فائر جي مسلسل خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، ڀارت جي بربريت ۽ ظالماڻي ڪاررواين سان ڪشميرين جي آزادي جي مقامي جدوجهد تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان ان کي رد ڪريون ٿا، لائين آف ڪنٽرول جي پار کان دهشتگردي جي ڀارت جي ڪوڙن الزامن کي رد ڪريون ٿا، ڪشميرين جي خلاف ڪارن قانونن جو مسلسل استعمال ۽ بار بار ڪرفيو لاڳو ڪرڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي جنهن سان والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڀارت طرفان ڪشمير کي اٽوٽ انگ قرار ڏيڻ جي ڪوڙي دعويٰ کي به شرڪت ڪندڙن رد ڪيو جيتوڻيڪ ڀارت پاڻ ئي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ وٺي ويو هو جنهن ان کي گڏيل قومن جي ٻن خودمختيار ملڪن جي وچ ۾ هڪ عالمي تڪرار قرار ڏنو هو. اسان بلوچستان ۾ ڀارت جي ثابت ٿيل مداخلت جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا جنهن جو اعتراف گرفتار ٿيل ”را“ جي ايجنٽ ڪل ڀوشن ياديو به ڪيو آهي جيڪو ڀارتي بحريه جو حاضر سروس آفيسر هو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سارڪ فورم ۾ شرڪت کان انڪار سميت سمورن ٻه طرفي ۽  ڊگهي مدي واري ڳالهين جي سمورن سفارتي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڀارتي عزم  قابل افسوسو آهن ۽ پاڪستان ۽ خطي جي خلاف پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڀارتي منصوبي جي مذمت ڪريون ٿا جيڪو عالمي ذميدارين جي خلاف ورزي آهي، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي رد ڪرڻ جي ڪوشش کي جارحيت تصور ڪيو ويندو. پڌرنامي ۾ ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول جي پار سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته ڀارت جي ڪوڙي دعويٰ والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جو ڪوشش آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي دليراڻي جدوجهد جي واکاڻ ڪريون ٿا جيڪا ڪيترن ئي نسلن ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي، خودمختياري واري حق جو واعدو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ عالمي برادري ڪيو هو، پڌرنامي ۾ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادراڻي ۽ پختي ڪمينٽمنٽ جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ او آءِ سي جي مشن طرفان فيڪٽ فائيڊنگ مشنز موڪلڻ جي فيصلن جي آجيان ڪئي وئي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *