ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال برقرار

 

ٿر ۾ ڏڪاري حالتون وڌيڪ سنگين ٿي ويون آهن، ڇهن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو،ننگرپارڪر، ڏاهلي تعلقن جي 2300 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ رهندڙ 15لک ماروئڙا سنڌ حڪومت کان وسري ويا آهن،  حالتون بدترين ٿيڻ ڪري کوهه سڪي کارا ٿي ويا آهن، ٿر جي 95 سيڪڙو آبادي مٺي پاڻي کان محروم آهي، مٺي سول اسپتال ۾ پنج معصوم ٻارڙن دم ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ روهيلو جي ٽن ڏينهن جي رزاق ولد منظور نهڙي ميهاري، هنگورجا جي ٻن مهينن جي ڪيول ولد مهاو جي ڀيل، ڏيپلو جي چار مهينن جي حسن ولد رحيم پاڙهو ڳوٺ ڄام جي وانڍ  جي ڇهه ڏينهن جي زبيده ڌي فياض، ڳوٺ گورا دو جي خان محمد ڏهوٽ جي تازي ڄاول ٻار دم ڏنو آهي، جنهن سبب هڪ ڏينهن ۾ فوتين جو انگ پنج ٿيڻ سان گڏ پنج مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 490 ٿي ويو آهي، ڏڪار ٿر ۾ روزاني پنج کان ست مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن جا والدين جگر جي ٽڪرن جا جنازا کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن، پر سنڌ حڪومت ٿر جي مستقبل حل  لاءِ اڃا تائين ڪابه پاليسي ناهي جوڙي سگهي، ٿر جي سمورن ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن. مسڪين مارو ماڻهو علاج لاءِ دربدر آهن، ڏڪار  ماريل رهواسي هزارين روپيه ڀاڙو ڀري وڏي مشڪل شهرن جي اسپتالن تائين پهچن ٿا، پوءِ به معصوم ٻارڙن جي حياتي بچي ناهي سگهندي ٻئي پاسي ٿر ۾ امدادي ڪارروايون مڪمل طور بند ڪيون ويون آهن، غريب خاندان هڪ ويلي جي ماني ٽڪر لاءِ پريشان آهن، چوپائي مال  لاءِ چارو نه هئڻ ڪري لکن  جي تعداد ۾ چوپايو مال بکن ۾پاهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٿر جي علائقن مان ٻيهر لڏپلاڻ جو سلسلو تيز ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ڏڪاري حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي، هن سال ۾ ڏڪارر پوڻ جا امڪان نظر اچڻ باوجود سنڌ حڪومت اڳواٽ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا، ٻئي طرف اسلام ڪوٽ، مٺي ڇارو ، ننگر پارڪر سميت ڏيپلو جي سرڪاري اسپتالن ۾ عملي سميت سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *