ٿر ۾ موڪليل دوائون مدي خارج هجڻ جو انڪشاف

ٿر ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا. هلندڙ مهيني ۾ بک۽ مرض سبب فوت ٿيل ٻارڙن جوانگ 35 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٿر ۾ موڪليل دوائون مدي خارج هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٻارڙن جو انگ 60 کان به وڌي ويو آهي ۽ اهڙو سلسلو تيزي سان جاري آهي. ڪالهه به  مٺي سول اسپتال ۾ هڪ تازي ڄاول ٻار سميت ڇاڇري جي ٻن خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب موت جو کاڄ بڻجي  ويا آهن. جن ۾ 13 ڏينهن جي تعمينه ۽ تاز ڄاول ٻار شامل آهن. ڏڪار ۽ حالتن ۾ پي پي ايڇ آءِ جي نگراني ۾ هلندڙ بيسڪ هيلٿ سينٽرن تي معصوم ٻارڙن لاءِ موڪليل دوائون مدي خارج هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف رليف انسپيڪٽنگ جج ميان فياض رباني بيسڪ هيلٿ سينٽر آر اوکي تي ڇاپي دوران مدي خارج دوائن جي هٿ اچڻ بعد ڪيو. رليف جج ميان فياض رباني ڳوٺ آر او کي بي ايڇ يو پهچي پي پي ايڇ آءِ پاران اماڻيل دوائن جي چڪاس ڪئي. جتي ٻارڙن لاءِ موڪليل او آر ايس واروارين هڪ سئو پڙين مان 30 پڙيون مدي خارج نڪتيون. رليف جج مدي خارج او آر ايس واريون پڙيون هٿ ڪرڻ بعد انهن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي انچارج کان وضاحت طلب ڪرڻ سان گڏ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ رليف انسپيڪٽنگ ميان فياض رباني رابطو ڪرڻ تي چيوته ڳوٺ آروکي جي بي ايڇ يو تان مليل او آر ايس وارين پڙين مان 30 ايڪسپائر ٿيل آهن. جيڪي ٻارڙن کي پيارڻ جي صورت ۾ سندن زندگين کي خطرو هو ۽ ڪمپائونڊر ڪم هلائي رهيوهو. هن چيو ته وضاحت طلب ڪئي آهي جاچ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن رليف جج ڳوٺ ويڙهيجهپ ۾ وٽرنري سينٽر ۽ بي ايڇ يو تي پڻ ڇاپا هنيا پر عملو غائب هو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٿر جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺي لاپرواهه عملي کي فوري طور معطل ڪيو وڃي ۽ ٿر واسين لاءِ روزاني بنياد تي ضرورتن واريون شيون فوري طور موڪليون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن جي جان بچي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *