ٿر ڪوئلي تي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ ٿرواسي عذاب ڀوڳڻ تي مجبور

 

ٿر ڪوئلي لاءَ ايندڙ پاڻي لاءِ  ڇاڇرو کان 30 ڪلوميٽر اڳتي اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ويجھيار ۾  ڊيم ٺاهيو پيو وڃي، ھڪ ارب پنج ڪروڙ جي لاگت سان 40،40 ايڪڙن تي مشتمل 2 پوائنٽن جو ڪم ھلندڙ آھي جيڪو 9 مارچ2015ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.ڊيم  ۾ پاڻي پھچائڻ لاءِ نبي سر کان ويجھيار  60 ڪلوميٽر تائين ڊگھي پاڻي جي پائپ لائين وڇائڻ لاءِ ھزارين وڻن جي واڍي ڪئي وئي آھي .۽ ڳوٺ ويجھيار۽ ويجھن ٻين ڳوٺن  جي گئوچر زمين ۽ ترائي به  ختم ڪئي ويئي آھي. جنھن سبب رھواسي سخت پريشاني کي منھن ڏيئي رھيا آھن.ڳوٺ ويجھيار جي رھواسين  لال بخش سومرو، عثمان سومرو، بيرجي ٺڪر،سالاي سومرو،جالو ڀيل،۽ ٻين  جو چوڻ آھي  ته ان ڊيم ٺاھڻ وقت ڪنھن به ڳوٺاڻي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آھي.ھنن اڳ چيو ھو ته ھتي صرف پاڻي جو ھڪ تلاءَ ٺاھيو ويندو پر اھي ھاڻي وڏو ڊيم تعمير ڪري رھيا آھن ۽ اھو ڊيم بلڪل گھرن جي ويجھو تعمير ڪيو ويو آھي. ۽ برساتن ۾ پاڻي وڌيڪ ٿيڻ سبب ڊيم ٽٽڻ جو خطرو موجود آھي ۽ٽٽڻ جي صورت ۾ ڳوٺ مڪمل تباھ ٿي ويندو.  ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڪو به ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ته ڪمپني انچارج ڳوٺاڻن تي اين سي داخل ڪرائي هراسان ڪيو. جنھن جي شڪايت ڊي سي ٿرپارڪر ۽ چونڊيل نمائندن کي به ڪئي پر ڪنھن به تحرڪ ناھي ورتو. ھتي  ڊيم اڏي  اسان جو سڀ ڪجھه تباھ ڪري ڇڏيو آھي اسان جي مال جا واڙا اکيڙي اسان جي چراگاھن کي اجاڙي مال جي آسائش لاءِ ھزارين وڻن  جنھن ۾ ڪنڊي ،ڪُنڀٽ ،کٻڙ جي واڍي ڪري ڪمپني وارا کڻي ويا آھن ھن کان اڳ اسان جي انھن ويجھن ڳوٺن ۾ڳوٺاڻن پاران  وڻ جي واڍي تي 500 روپيه ڏنڊ وصول ڪيو ويندو  ھو.  ھنن چيو ته اسان جي  ڳوٺ جي اوطاق ڊاھي ان تي ڪمپني جي ٻاھرين ملازمن جا ڪمرا جوڙيا ويا آھن مال جا لنگھه، ٻنين ڏانھن ويندڙ رستا ۽ قبرستان ڏانھن ويندڙ رستو به بند ڪري ظلم ڪيو ويو آھي. ڪمپني وارن ٻاھران ملازم ڀرتي ڪيا آھن مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪمپني جا آفيسر تتر، ڪڪڙ، ۽ ماکي آڻي ڏيڻ جو شرط رکن ٿا. ھنن چيو ته 150 ملازمن مان ڳوٺ جا صرف 15 ماڻھُو ڀرتي ڪيا ويا آھن . ۽ ڳوٺ جي مقامي ماڻھن کي 200 روپيه ڏھاڙي ڏين ٿا ۽ اھا ساڳي ڪم جي ٻاھران آندل ماڻھن کي 600 روپيه ڏھاڙي ڏني وڃي ٿي.ھنن چيو ته  ڳوٺ جي ڀر ۾ وڏي ترائي ھئي جنھن ۾ برسات جو پاڻي اٺن مھينن تائين ھوندو ھو ان ۾ ويجھن ڳوٺن ، مينھل بجير، سراج الدين جو تڙ، ڀوجاسر، ڍاڪلو ڳوٺن جو مال پاڻي پيئدو ھو ان مان مٽي ڪڍي ھن کي ختم ڪيو ويو آھي ۽ ڪمپني وارن چيو ھو ته اوھان کي واپس ڀرائي ڪري ترائي صحيح ڪري ڏني ويندي پر اھا ساڳي حالت ۾ آھي.ٻئي پاسي ڊيم جي سروي چيف سھيل احمد صديقي  چيو آهي ته  اسان ڊيم جا ڪانٽريڪٽر آھيون 40،40 ايڪڙ جا ٻه پوائنٽ آھن ھڪ اسان وٽ ۽ ٻيو ٻي ڪانٽريڪٽر حوالي آھي . ھن چيو ته اسان وٽ ٽوٽل 150 ملازم آھن  جنھن ۾  60 کان 80 تائين ڊيلي ويجز تي ڪم ڪن ٿا . ھن ڊيم ۾ نبي سر کان60 ڪلو ميٽر  تائين ٽي پائپ لائينون اينديون۽ 339 ملين گيلن ڊيم ۾  پاڻي جمع ٿي سگھندو. جڏھن ته ان پاڻي کي ڳوٺاڻن کي ڏيڻ جي باري ۾ اسان وٽ ڪو به لکت ۾ معاھدو ناھي ٿيل  ۽جيڪو پاڻي پائپ لائين ذريعي ايندو ان کي مڪمل اسان جو ڪنٽرول ھوندو ۽ ڊيم ٽٽڻ جو ڪو به خطرو نه ھُوندو .ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ٿر واسين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ٿر واسين کي پروجيڪٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن هو خوشحال زندگي گذاري سگهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *