ٿر جي ڏڪار متاثرين جي مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي

 

ڏڪار سٽيلن لاءِ خبرون آهن ته زڪوات وارو کاتو مهربان آهي ۽ ان خصوصي ڪرم نوازي جو ثبوت ئي چئجي جو انهن کي پاڻي جي سهولت لاءِ نلڪا ڏنا پيا وڃن جيڪي لڳ ڀڳ پوڻي7 ڪروڙ رپين جا ٿين ٿا. اهو فيصلو سيڪريٽري زڪوات جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي پاران ڪيو ويو آهي جنهن 3 هزار شيلو پمپ ۽ 200 ڊيپ پمپ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ٺيڪيدار ڪمپني کان في شيلو پمپ ساڍا 12 هزار ۽ ڊيپ هينڊ پمپ هڪ لک 57 هزار رپين ۾ خريد ڪيو ويندو. پي ڊي ايم اي ڪوهستان لاءِ 34 هزارن ۾ في ڊيپ ۽ 6 هزار ۾ شيلو پمپ خريدڻ جي منظوري ڏني آهي. ٿر جي ڏڪار متاثرين جي مدد نه صرف حڪومت پر معاشري جي هر طبقي جو فرض آهي ڇاڪاڻ جو هي نج انساني همدردي جو مسئلو آهي ۽ وقت جي تقانضا به آهي ته متاثرن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارجي. ان عمل سان متاثرن جي نقصان جو ازالو ته نه ٿي سگهندو البته اهو ممڪن آهي ته انهن کي آٿت ملي ۽ حوصلو به ته هن ڏک جي گهڙي ۾ اهي اڪيلا ناهن پر حڪومت کان ويندي عوامي سطح تائين سڀ ساڻن گڏ آهن. متاثرين جي واهر لا ءِ پهريان ته ڪا خاص سرگرميون نه ڏيکاري وئي پر جڏهن ميڊيا تي فوتگين جو معاملو اٿيو ۽ ٻين ڪمين ڪوتاهين جي نشاندهي ٿي ته وس وارن هر طرف کان اک پيٽڻ شروع ڪئي ته پوءِ سڀ ڏٺو ته دورن مٿان دورا هئا ۽ جاچ لاءِ ڪميٽيون به ٺهيون، نتيجو اهو نڪتو گهٽ ۾ گهٽ ڏتڙيل ڏڪار متاثر ماروئڙن جي سار لڌي وئي جي ڪي ڪافي وقت کان منتظر هئا ته ڪڏهن ٿي انهن جي واهر ٿئي ۽ خوراڪ ياوري صحت سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. توڻي جو سرڪاري سطح تي متاثرن جي پرگهور لاءِ اُپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ صوبائي سرڪار پاران خاص دلچسپي وٺڻ تائين آصف علي زرداري پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ تائين، هي سمورو اشو اهميت جوڳو رهيو آهي، پ پ قيادت جي ان ۾ خاص دلچسپي رهي، آهي شايد ان ڪري ئي فوري طور نه رڳو کاڌ خوراڪ جو سامان ميسر ڪيو ويو، پر بيمارن جي پرگهور لڌي وئي. ضرورت پوڻ تي انهن کي ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو. ڏڪاريل ماروئڙن جو معاملو اهيمت جوڳو ٿي وڃڻ بعد هن وقت تائين جي خبرن ۽ اطلاعن مطابق اتي انتظاميه امدادي ڪمن ۾ رڌل آهي، مختلف وقتن جي ذميوار وزير يا وري ڪامورا ذاتي دورا ڪري جائزو به وٺي رهيا آهن ته ڪهڙي طرح امدادي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن. پر ان قسم جي سخت نظر باوجود ڪافي ڪوتاهيون ٿين ٿيون، جن جي نشاندهي مختلف وقتن ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي. تازو مثال هزارين مڻ اناج جو آهي جيڪو گهرايو متاثر لاءِ ويو پر، انهن کي نه ڏنو ويو ۽ اهو اس ۾ سڙي رهيو هو. ان کان پهريان به ڪئي ڪيس سامهون آيا آهن جن موجب فراهم ڪيل سامان معيار آڏو سواليه نشان هو. هاڻي به غريبن لاءِ نلڪا ورتا پيا وڃن يا ائين کڻي چئجي ته انهن جي نالي تي نلڪا ورتا پيا وڃن ته وڌاءُ نه ٿيندو هي نلڪا مجموعي طور ڪروڙين روپين ۾ خريد ٿيندا. ڏيڍ لک کان هزارين روپين تائين جي قيمت تي ايڏا مهانگا نلڪا خريد ڪرڻ جو ڪو تُڪ ته هجي ته آخر ڪهڙي مجبوري آهي جو مهانگا نلڪا هيئنر خريد ڪرڻ لازمي آهي؟ ڇا نلڪن جي فراهمي ڪنهن ٻئي ڪمپني کان نه ٿي سگهي، يا وري ڇا نلڪا هن وقت خريد ڪرڻ تمام ضروري آهي؟ هي اهڙا سوال جن تي لاڳاپا ڌرين کي سوچڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه دل ۾ رکڻ گهرجي ته متاثرن کي نلڪن کان وڌيڪ ٻين شين جي گهرج آهي. انهن کي کاڌ خوراڪ گهرجي، صحت جون سهولتون کپن، انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا گهرجن وغيره، اسان کي نلڪن جي فراهمي تي اعتراض ناهي، پر عتراض آهي ته گهڻي رقم عيوض خريدڻ تي ڇوٿو اصرار ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته متاثرن کي گهربل ٻين شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. تڪڙ بدران مناسب وقت تي نلڪا به فراهم ٿيڻ گهرجن، ته جيئن ذهنن ۾ خدشا جنم نه وٺن، نه وري ڪنهن کي آڱر کڻڻ جو موقعو ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *