ٿرڪول پراجيڪٽ ۽ نطرانداز ڪيل مقامي پورهيت

ٿر ڪول يوسي جي پراجيڪٽ جي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل گئسفيڪشن پلانٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ گئس فلٽر ڪري اسٽور ڪرڻ لاءِ پلانٽ تي ڪم جاري آهي. وڌيڪ هيوي مشينري به پهچي وئي آهي. يوسي جي انتظاميا جون 2015ع تائين 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذرين کان مليل ڄاڻ موجب ته شروعاتي مرحلي ۾ آزمائشي طور 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري پلانٽ تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ان جي ڪاميابي بعد 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويندو. يوسي جي انتظاميا جي ذرين موجب ته 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ڪم نتيجا ڏيندڙ لڳي رهيو آهي. 2015ع تائين خوشخبري ملندي. ٻئي طرف بلاڪ پنج تي يوسي جي پراجيڪٽ تي هلندڙ ڪم دوران رهواسين جي ٻنين ۾ ڪنو پاڻي ۽ واري اڇلائڻ سبب مقامي رهواسين جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. رهواسي ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ جون شڪايتون به ڪري رهيا آهن. ڪالهه ڳوٺ ٻاڀڻيو ڀيل جي رهواسي ملازم ڏيالو ڀيل کي پراجيڪٽ انتظاميا ڪڍي ڇڏيو. جنهن بعد رهواسين چهنو ڀيل، پارو ڀيل، سور ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٿر ڪول انتظاميا اسان سان زيادتي ڪري رهي آهي. مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. اسان جي نوجوان ڏيالو ڀيل کي ڪڍيو ويو آهي. اسان جي سروي ٻنين اندر واري اڇلائي پئي وڃي، ڪير به نه ٿو ٻڌي. ٻئي طرف يوسي جي انتظاميا جو چوڻ هو ته ليبر تي ڪم ڪندڙ سمورا ماڻهو مقامي آهن پر ڳوٺاڻا زوري زبردستي بليڪ ميل ڪري نوڪريون وٺڻ چاهين ٿا. اسان وٽ هاڻي ملازم رکڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪبو. اسان هڪ هڪ گهر جي ٽي کان چار نوجوانن کي روزگار تي لڳايو آهي. جنهن کي روزاني 350 رپيا ڏهاڙي ڏيون ٿا. ٿوري ٿوري ڳالهه تان ڪم ڪندي ڪم بند ڪري هليا ويندا آهن. جنهن سبب ٻه ٻه ڏينهن ڪوئلي جو ڪم بند ٿي ويندو آهي. ڪجهه چوندا آهيون ته ملازم احتجاج ڪرڻ هليا ويندا آهن .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته ٿرڪول پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي ته جيئن انهن جي زندگي خوشحالي ٿئي ان سان گڏوگڏ اتان جي ماڻهن لاءِ ضرورتن مطابق سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن ٿري ماڻهون انهن سهولتون مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽ بهتر گذاري سگهن .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *