پ پ ۽ ن ليگ اختلاف يا سياست

سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پ پ پ خلاف نون نون طريقن سان سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي . هو هوسڙي جي ڳوٺ غلام عباس پنهور ۾ سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۽ جلسي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي حڪومت جو سنڌ ۽ بلوچستان سان رويو درست ناهي. سنڌ ۽ بلوچستان جو ذڪر اچڻ تي ن ليگ جي وزيرن جي لهجي ۾ سختي اچي ويندي، جيڪو رويو جمهوري ناهي. سنڌ جي واحد جماعت پ پ جو ميڊيا ٽرائل ڪري نيون سازشون ڪيون پيون وڃن.ايڪشن پلان تي رڳو سنڌ ۾ عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ڄڻ باقي صوبا دهشتگردي، بدانتظامي، بدنظمي ۽ ڪرپشن کان پاڪ آهن!

پ پ خلاف ڪجهه به نه ملڻ تي ايان علي ۽ عذير بلوچ کي منظرعام تي آندو ويو، جنهن مان مخالفن کي ڪجهه نه وريو. چوڌري نثار جو پچ تي لت رکڻ وارو رويو حيران ڪندڙ آهي، گهرو وزير وزيراعظم توڙي ملڪ سان سچو ناهي. مولا بخش چانڊئي، عدليا کي اپيل ڪئي ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ملڪ ۾ پ پ پ واحد جماعت آهي جنهن قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين قربانيون ڏنيون آهن. پ پ پ جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي ۽ مختلف ڪيسز جوڙِيا پيا وڃن. ضياءَ الحق جي دور کان پ پ پ خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن جو اسان پهريان به مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪنداسين. اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جون واڳون سنڀاليندو ۽ اهو نه صرف سنڌ پر ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو. اسان آپريشن جي حمايت ڪيون ٿا ۽ ڪراچي ۾ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. سازشي عنصرن آپريشن جي آڙ ۾ قومي سلامتي جي ادارن کي پ پ پ سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ اهي ناڪم رهيا آهن. مصنوعي دانشور ۽ تجزيا نگار ملڪ ۾ سموري خرابي جو ذميوار پ پ پ کي ئي سمجهن ٿا. ن ليگ ۾ سٺا ماڻهو به آهن جيڪي چاهين ٿا ته وفاق ۾ سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي . سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ته فقط ڪجهه ماڻهن پاران بجلي جي بلن جي عدم ادائيگين تي 34 ٽرانسفارمر لاٿا ويا آهن جنهن جي ڪري امن امان وارو مسئلو پڻ پيدا ٿي سگهي ٿو. اسان کي سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي تي فخر آهي ۽ واضع ڪيو ته ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. مائيڪ جي سهاري تي زنده رهندڙ ڪجهه ماڻهو ۽ پارٽيون چئي رهيا آهن ته پ پ پ غير مقبول ٿي رهي آهي. پ پ پ جا ڪارڪن اڄ به شعور ۾ آهن ۽ پارٽي انهن جي ڪري ئي سلامت آهي تمام جلد پ پ پ جي خلاف اها پروپئگنڊا به ختم ٿي ويندي ته پوءِ اهي وري ڪاٻي بي تڪي ڳالهه کڻي ايندا . واضع ڪيان ٿو ته بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسان تعصب کان پاڪ هڪ بهترين معاشرو جوڙڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. جمهوريت جو تسلسل اسان جي ڪري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *