پ پ چيئرمين پاران 3 مهينن بعد تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي مسلم ليگ (ن) کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سندس جماعت پنجاب ۾ ريليون ڪڍندي ۽ ان حوالي سان جلد ملتان ۾ هڪ وڏو جلسو ڪرڻ جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري هِن وقت پارٽي جي ٻيهر بحالي جي حوالي سان لاهور ۾ آهي، سندس چوڻ آهي ته جهڙي طرح سنڌ سرڪار وزيراعظم نوازشريف لاءِ ٺٽي ۽ ٻين شهرن جي دورن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا، ساڳي ريت شهباز شريف انتظاميا کي به کيس اهڙي سيڪيورٽي ڏيڻ گهرجي. پ پ چيئرمين پارٽي رهنمائن کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ پ پ جا مطالبا تسليم ڪرائڻ لاءِ سڄي پنجاب ۾ ريليون ڪڍڻ جو اهتمام ڪن.پ پ جي چئن مطالبن ۾ پاناما اسڪينڊل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ پاناما بل آڻڻ، وفاقي گهرو وزير سميت ٻين حڪومتي وزيرن کي پارليامينٽ ۾ جوابده بڻائڻ لاءِ پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جوڙڻ، آزاد پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ پرڏيهي وزير جي مقرري سميت پاڪ چين اقتصادي راهداري تي گذريل سال مئي ۾ ڪرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرنامي تي عمل ڪرڻ شامل آهن. پ پ پنهنجي انهن چئن مطالبن کي حڪومت کان مڃائڻ لاءِ گذريل سال 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي موقعي تي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر بدقسمتي سان ان تحريڪ ۾ تحريڪ نظر نه آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب حڪومت طرفان سيڪيورٽي نه ڏيڻ تي بلاول ڀٽو 10 مارچ تي اعلانيل پنهنجي ريلي ملتوي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال 19 جنوري تي فيصل آباد ۾ ريلي کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا روانو ٿي ويو هو، جنهن بعد پارٽي سرگرمين ۾ ايتري سگهه نه رهي سگهي جو اها سندس غيرموجودگي ۾ جلسن جي پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهي. ان جا سبب ته ڪيئي آهن، پر بظاهر پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي سياسي سگهه جو جائزو وٺڻ سان بهتر طريقي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي اُتي ڪمزور ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ پنجاب جي پارٽي قيادت کي به تبديل ڪيو ويو، پر جنهن جاءِ تي پيپلزپارٽي کي هجڻ گهرجي ها، اتي حڪمران جماعت کانپوءِ تحريڪ انصاف ٻئي نمبر تي مضبوط بڻجندي پئي وڃي ۽ ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته پ پ پنجاب ۾ اهي سياسي سرگرميون ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي، جنهن سان پارٽي جو ڪردار جاندار ۽ سگهارو ٿي سگهي، ساڳئي وقت پ پ پاران پنجاب ۾ جلسا ڪرڻ ۽ صوبي ۾ سياسي سرگرمين جي حوالي سان ٿيندڙ اعلانن جي پوئيواري نه ڪرڻ سان به پارٽي جي مضبوطي تي منفي اثر پيو آهي.2018ع ملڪ ۾ نين چونڊن جو سال آهي، ان کان اڳ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف توڙي مسلم ليگ (ن) سميت ملڪ جي اهم جماعتن چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پر پيپلزپارٽي لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ ان جا پير ڄميل آهن، ان هوندي به پ پ پنهنجي سرگرمين کي سنڌ تائين محدود ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو گذريل عام چونڊن کان به وڌيڪ خراب نڪري سگهي ٿو. بهرحال، اسين سمجهون ٿا ته پيپلزپارٽي وفاقي سطح جي جماعت آهي، جنهن وٽ رضا رباني ۽ اعتراز احسن جهڙا سينئر ۽ ڏاها اڳواڻ موجود آهن، پر ان هوندي به پارٽي قيادت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪي واضح طور انهن اڳواڻن جي دانشمندي ۽ حڪمت عملي کان خالي ڏسجن ٿا. رهي ڳالهه بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي ته ان حوالي سان هُن جيڪي به خدشا ظاهر ڪيا آهن، تن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ کي پنجاب ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ پ پ اهڙو ڪوبه رسڪ نه کڻندي، جنهن سان ان کي ڪو وڌيڪ نقصان ڀوڳڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *