پ پ طرفان ڪوٺايل اي پي سي جا فيصلا

سنڌ جي سياسي، مذهبي، قومپرست جماعتن سميت سول سوسائيٽي جي نمائندن ڪنهن به صورت ۾ آدمشماري ملتوي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي، آل پارٽيز ڪانفرنس آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ ۽ ضلعي سطح تي نگران سينٽرز قائم ڪرڻ جون تجويزيون ڏئي ڇڏيون، جڏهن ته سنڌ ۾غير  ملڪي ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري هجڻ ۽ ٻين صوبن مان سنڌ ڏانهن ڪاهه ڪندڙن جي ڪري ڌرتي ڌڻين، اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وند  ڌرين نادرا پاران غير ملڪين کي قومي شناختي ڪارڊن جي نادرا ذريعي جاچ ڪرائڻ جي پڻ گھُر ڪئي وئي آهي. پيپلزپارٽِي سنڌ پاران ايندڙ مارچ مهيني ۾ وفاقي سرڪار پاران آدمشماري نه ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ خدشن بابت سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ، مسلم ليگ ن، ق ليگ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ترقي پسند پارٽي، جسقم، قومي  عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽِي، جمعيت علماءَ اسلام (ف ). جماعت اسلامي، جماعت علماءَ اسلام پاڪستان، سول سوسائٽي ۾ سنڌ سرونٽ سوسائٽيز جي اڳواڻن ۽ آئيني ماهر پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ميزبان جماعت طرفان سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، ناصر حسين شاهه، ڊاڪٽر سڪند منڌرو، مولا بخش چانڊيو، وقار مهدي، راشد رباني، نجمي عالم، لعل بخش ڀٽو، منظور عباس، رشيد چنه، صابر ڪاڪا، به شريڪ ٿيا،

آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي  ته سنڌ صوبي جي سياسي  ۽ مذهبي جماعتن جو هي اجلاس سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ته هڪٻئي پٺيان قومي مردمشمارين ۾ مختلف طريقن سان سنڌ جي  آبادي حقيقي آبادي کان تمام گهٽ ڏيکاري ويندي آهي. اجلاس ۾ پرڏيهين جي لوڌ جي مسلسل آمد تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. جنهن سان سنڌ جي وسيلن ۽ سهولتن تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته قومي مردم شماري ۾ ٻين صوبن کي ڇڏي آيل آبادي ڪندڙن ۽ پرڏيهي غير قانوني ايندڙن جي درست ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ ان ڳڻپ موجب سنڌ کي اضافي وسيلا فراهم ڪيا وڃن. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي روڪٿام لاءِ ضروري قانسازي ڪري. اجلاس مطالبو ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق ۽ صوبن جي مشاورت سان قومي مردم شماري جو هڪ شفاف ۽ قابل اعتبار طريقيڪار ۽ پاليسي جوڙي ۽ صوبن جي اندر قومي مردمشماري جي عمل جي نگراني صوبائي حڪومتن ذريعي ڪئي وڃي.  مردم شماري جي شروعات کان پڄاڻي تائين هر مرحلي جي ڪڙي ۽ گڏيل نگراني ڪئي وڃي. جيئن ته آبادي جا بلاڪ طئي ڪرڻ، ڳڻپ ڪندڙن جي مقرري صوبائي حڪومت  جي ذميواري،  نگراني ڪندڙن جي مقرري، مردم شماري جي رڪارڊ جي اسٽوري، ان رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن۽ پرنٽنگ وغيره،  اجلاس ۾ان ڳالهه جي مذمت ڪئي وئي ته قومي ڳڻپ واري اداري جي گورننگ ڪائونسل جي ميمبرن ۾هڪ کان علاوه باقي سمورن ميمبرن جو تعلق صرف هڪ صوبي سان آهي، اهي سموراماڻهو رٽائرڊ ماڻهو آهن.  اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو  ته ڪائونسل ۾ هر صوبي کي برابري جي نمائندي ڏني وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ماڻهن بدران مستقل سرڪاري ملازمن کي اهي ذميواريون ڏنيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *