پٺاڻ ڪوٽ واقعو: پاڪستاني قدمن جي ڀارتي آجيان

ڀارتي پرڏيهي وزير وڪاس سوراپ ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ بابت پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز عملدارن سان مڪمل رابطي ۾ آهيون، جاچ لاءِ ڀارت ايندڙ پاڪستاني تحقيقاتي ٽيم جي آجيان ڪيون ٿا، جڏهن ته جاچ ٽيم جو مئنڊيٽ بعد ۾ طئه ڪيو ويندو، جيڪڏهن پاڪستان وڌيڪ ثبوت گهريا ته اهي به جاچ ٽيم کي فراهم ڪيا ويندا، پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ پاڪستان سان پورو سهڪار ڪنداسين، دهشتگرد تنظيمن خلاف پاڪستان جون ڪارروايون درست سمت ڏانهن وڃي رهيون آهن، جيش محمد جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا، جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري بابت اسان کي ڄاڻ ناهي، پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز سطح جي ملاقات کي گڏيل مشوري کانپوءِ معطل ڪيو ويو، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي هم منصب سان ڳالهه ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن جي مشوري کانپوءِ جلد ئي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ تمام جلد ۽ بهترين ملاقات ٿيندي، ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اڃا به بال پاڪستان جي ڪورٽ ۾ آهي؟ جنهن تي وڪاس سوراپ جواب ڏنو ته هي فٽبال ناهي پر سفارتي معاملا آهن، پاڪستان پاڙيسري ملڪ آهي، ٻئي ملڪ سٺن پاڙيسرين جيان رهڻ چاهين ٿا. پاڪ ڀارت ڳالهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نوازشريف پاڙيوارن سان سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، پاڪ ڀارت ڳالهيون ري شيڊيول ٿي چڪيون آهن ۽ ٻئي ملڪ گڏيل طور تي پرڏيهي سيڪريٽرين وارين ڳالهين رڪجڻ تي هڪ راءِ آهيون.

پاڪستان پاران پٺاڻ ڪوٽ واقعي تي کنيل قدمن جي ڀارت جي آجيان بهتر عمل آهي، جيڪڏهن ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان اهڙي نموني سهڪار ڪندا رهيا ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ٻنهي ملڪن جو واپاري ڪار ونهوار پٽڙي تي اچي ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام به سک جو ساهه کڻندو، ٻنهي ملڪن جو عوام بنا ڪنهن خوف خطري جي هڪ ٻئي جي ملڪ اچي وڃي سگهندو ۽ هر محاذ تي هڪ ٻئي جو ساٿاري بڻيل رهندو جيڪو عوام ۽ دنيا لاءِ بهتر پيغام هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *