پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس حملي تي پاڪستان جو ورتل ايڪشن

گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر خان جنجوعا ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف شرڪت ڪئي. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس حملي بابت وڌيڪ تفصيل ملڻ کانپوءِ جاچ لاءِ پاڪستان جي خاص ٽيم ڀارت ڏانهن اماڻي ويندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس حملي بابت سڄي معلومات کي سامهون آندو ويندو ۽ ڪنهن به شيءِ کي ڳجهو نه رکيو ويندو، جڏهن ته شفاف جاچ ڪري سڄي ڄاڻ دنيا آڏو آندي ويندي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڌرتي ڪنهن به دهشتگرديءَ ۾ ملوث ناهي رهي ۽ نه ئي ڪنهن به پاڙيسري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي ڌرتي ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي آفيسن کي بند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جي ڪيترن ئي ملزمن کي پڪڙيو ويو آهي ۽ انهن جي ڪيترين ئي آفيسن کي سيل به ڪيو ويو آهي. ڏکڻ پنجاب جي علائقن ملتان، رحيم يار خان ۽ بهاول نگر ۾ آپريشنز دوران 10 کان 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان ڪمپيوٽر ۽ ٻيا اوزار به برآمد ٿيا آهن. اجلاس دوران اهم ملڪي معاملن، نيشنل ايڪشن پلان، پٺاڻ ڪوٽ حملي ۽ سعودي عرب ۽ ايران ڇڪتاڻ کانسواءِ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اعليٰ اختيارين ڀارتي ائيربيس پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي کي پوري طرح ختم ڪرڻ واري ارادي هيٺ ڀارت سان رابطي ۾ آهيون، جنهن کي ڀارت جي حڪومت سان مشورا ڪرڻ کانپوءِ پٺاڻ ڪوٽ موڪليو ويندو، جڏهن ته پاڪستان ڀارت کان وڌيڪ ڄاڻ گهري آهي. ٻئي طرف مليل چاڻ موجب ڀارت پاران پٺاڻ ڪوٽ حملي ۾ ملوث ڄاڻايل پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي ڀاءُ ۽ 11 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. مولانا مسعود اظهر ۽ سندس ڀاءُ مفتي عبدالرحمان کي بهاولپور مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. مولانا مسعود اظهر کان پٺاڻ ڪوٽ حملي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مولانا مسعود اظهر کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. اها به ڄاڻ ملي آهي ته پابندي مڙهيل جيش محمد جي سربراهه کي ڀاءُ سميت نظربند ڪيو ويو آهي. پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ جي سلسلي ۾ وزيراعظم نوازشريف هڪ اعليٰ سطحي 6 رڪني ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جا نمائندا به شريڪ هوندا، وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جو ڪنوينز ايڊيشنل آءِ جي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ پنجاب راءِ طاهر کي بڻايو ويو آهي، آءِ ايس آءِ جو سينئر آفيسر برگيڊيئر نعمان سعيد، ايم آءِ جو ليفٽيننٽ ڪنرل عرفان مرزا، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ڪي پي ڪي صلاح الدين خان، ڊائريڪٽر آءِ بي لاهور عظيم ارشد، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاهور عثمان انور ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي پٺاڻ ڪوٽ واقعي بابت شاهدين ۽ ڀارتي الزامن جو جائزو وٺندي، واقعي بابت ڪجهه ماڻهن تي لڳندڙ الزامن جا به جاچ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *