پي ٽي آءِ جا جلسا ۽ سياسي ڌريون

جڏهن کان تحريڪ انصاف جي ”سونامي“ پنهنجن ڇولين کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان ايم ڪيو ايم کي پنهنجن پيرن هيٺان زمين کسڪڻ جو وڌيڪ احساس ٿيڻ لڳو آهي. عمران خان جي جلسن ۾ جڏهن کان ”برگر فيملي“ جي نوجوان عورتن ۽ مردن حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪرڪيٽ جي تماشبينن عمران خان کي هڪ سياسي ليڊر طور ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي شروعات ڪئي آهي تڏهن کان ايم ڪيو ايم جي قيادت کي به اها ڳالهه محسوس ٿيڻ لڳي آهي ته هاڻ سندن لاءِ ”بيڪ ٽو پويلين“ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن ان ڪري ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سياست ٻيهر اتان کان شروع ڪرڻ گهرجي جتان کان انهن پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي يعني ايم ڪيو ايم ”مهاجرن“ جي پارٽي هجڻ وارو نعرو هڻي ميدان تي لٿي هئي ۽ متحدا جي روپ ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پنهنجا سياسي داءُ پيچ استعمال ڪرڻ ۽ سڀئي توانائيون وڃائڻ کان پوءِ هاڻ ٻيهر ان نتيجي تي پهتي آهي ته متحدا کي اها موٽ نه ملي رهي آهي جيڪا انهن جي خيال خواب ۾ هئي ۽ متحدا پاڻ کي ان قابل ئي ٺاهي نه سگهي آهي ته اها ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ سنڌ سميت پاڪستان مان قومي يا صوبائي اسيمبلي جي ڪا سيٽ به حاصل ڪري سگهي ان ڪري چڱو ائين آهي ته هاڻ سياسي جبل سان وڌيڪ مٿا ٽڪرائڻ بجاءِ ٻيهر پنهنجي سياست کي اتان ئي شروع ڪجي جتان انهن پنهنجي پهرين وک کنئي هئي. ايم ڪيو ايم شروع شروع ۾ مهاجرن جي نالي ۾ جيڪا سياست شروع ڪئي تنهن بابت متحدا جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته متحدا وچولي ڪلاس جي نمائندا جماعت آهي ۽ ان ئي وچولي ڪلاس جي ماڻهن کي اسيمبلين ۾ پهچايو آهي.جڏهن ته ڏٺو وڃي ته اها حقيقت به آهي ته متحدا وچولي ڪلاس جي ماڻهن کي اسيمبلين تائين ضرور پهچايو آهي پر ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته وچولي ڪلاس مان به مخصوص ماڻهن کي اڳتي آڻي هن اردو ڳالهائيندڙ وچولي ڪلاس کي به ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. وچولي ڪلاس ۾ اهي ماڻهو جيڪي اردو ته ڳالهائين ٿا پر اهي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل آهن يا اهي متحدا جي سياست کان لاتعلق آهن تن کي متحدا ڪو به فائدو نه پهچايو آهي ان ڪري متحدا هزار ڪوششن جي باوجود سڀني اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندا پارٽي هجڻ وارو اعزاز حاصل ڪري نه سگهي آهي متحدا جي سياسي حڪمت عملين تي تنقيد ڪندڙن جي ان ڳالهه ۾ به ڪجهه وزن محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اهي اردو ڳالهائيندڙ جيڪي سنڌ جي ٻين سڀني پارٽين ۾ شامل آهن انهن سڀني جو ٽوٽل ڪيو وڃي ته پوءِ انهن جو انگ متحدا ۾ شامل يا متحدا کي ووٽ ڏيندڙن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هوندو ان ڪري متحدا کي اردو ڳالهائيندڙن جي جماعت هجڻ وارو خيال ايم ڪيو ايم جي قيادت جي نظر ۾ کڻي انهن وٽ ئي هجي پر سنڌ جو عام ماڻهو سندن اها ڳالهه مڃڻ لاءِ هر گز تيار ناهي. ايم ڪيو ايم جي قيادت هاڻ جڏهن ٻيهر موٽ کائي پاڻ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن جو سبب به اهو ئي ڄاڻايو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم کي اميد هئي ته اها سڄي ملڪ ۾ پنهنجا پر پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ليڪن نئين سياسي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ متحدا محسوس ڪيو آهي ته هاڻ ”اڌ کي ڇڏي سڄي ڏانهن ڀڄڻ“ ايم ڪيو ايم لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جهڙي ريت پنهنجي سگهه ۾ اضافو ڪيو آهي يا جهڙي ريت نوجوانن جو هڪ وڏو انگ خاص طرح عورتون تحريڪ انصاف طرف جهڪاءُ رکندي نظر اچي رهيون آهن،ان صورتحال ۾ جيڪڏهن متحدا پنهنجن صفن کي ٻيهر سڌو نه ڪيو ته پوءِ متحدا جي پيرن هيٺ وڇايل ”ريڊ ڪارپيٽ“ ڪنهن به وقت ڇڪجي سگهي ٿو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *